Saturday , April 20 2024

اسماعيلي فرقي جو روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان ڪراچي پهتل، مختلف تقريبون رٿيل، سيڪيورٽي سخت

ڪراچي (اصغر آزاد سنڌسماءَچار) اسماعيلي فرقي جو روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان ڪراچي پهچي ويو، گورنر سنڌ ۽ وڏي وزير سندس آجيان ڪئي، گورنر سنڌ محمد زبير چيو آهي ته آغا خان فائونڊيشن جون سماجي شعبي ۾ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. اسماعيلي فرقي جو روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان ڪراچي پهچي ويو آهي. پرنس ڪريم آغا خان جي ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچڻ وقت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گورنر محمد زبير ۽ ٻين آجيان ڪئي. ڪراچي ايئرپورٽ پهچڻ بعد پرنس ڪريم آغا خان کي سخت سڪيورٽي ۾ ايئرپورٽ کان گورنر هائوس نيو ويو. جتي گورنر سنڌ سندس مان ۾ آجياڻو ڏيندو. گورنر سنڌ محمد زبير ڳالهائيندي چيو ته صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ آغا خان فائونڊيشن جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. هن چيو ته بوهري فرقي جي روحاني پيشوا کانپوءِ پرنس ڪريم آغا خان جي ڪراچي آمد امن امان جي بهتر صورتحال جو ثبوت آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته، پرنس ڪريم آغا خان جي سنڌ آمد تي کيس ڀليڪار چئون ٿا، منهنجي خواهش آهي ته آغا خان هر سال پاڪستان اچي. آغا خاني ڪميونٽي پرامن ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن ۾ اڳاوڻي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

پرنس ڪريم آغا خان جي سنڌ آمد تي ، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه آغاخاني ڪميونٽي ۽ سندس سمورن پروگرامن جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪراچي جي سمورين رينجز جي ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي آهي ته، اهي پاڻ سيڪيورٽي معاملن جي نگراني ڪن ۽ ڪنهن سيڪيورٽي جي سلسلي ۾ ڪنهن به مدد جي ضرورت هجي ته ساڻس سڌو رابطو ڪري سگهن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *