Friday , April 26 2024

اسلام ڪوٽ واسين کي بجلي تي سبسڊي ۽ اسٽيل ملز جي ملازمن کي جون جي پگهار ملندي: حفيظ شيخ

اسلام ڪوٽ واسين کي بجلي تي سبسڊي ملندي، سنڌ حڪومت پئسا نه ڏنا ته صوبي جي فنڊز مان سڌي ڪٽوتي ڪئي ويندي: ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ

اسلام آباد (خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) اقتصادي رابطا رابطا ڪميٽي، اسللام ڪوٽ جي رهواسين کي بجلي تي سبسڊي ڏيڻ واري سنڌ حڪومت جي فيصلي جي توثيق ڪري فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اسٽيل ملز ۽ مشين ٽول فئڪٽري جي ملازمن کي به جون مهيني جي پگهار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته، جيڪڏهن سنڌ حڪومت اسلام ڪوٽ واسين کي بجلي جي سبسڊي واري رقم ادا نه ڪئي ته اها رقم صوبي کي وفاق طرفان مختلف مَدن ۾ ملندڙ فنڊز مان ڪاٽي ويندي. ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي ٿيل اجلاس ۾ اسلام ڪوٽ کي بجلي جي مد ۾ سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اقتصادي رابطا ڪميٽي اسٽيل ملز ۽ پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري جي ملازمن جي هڪ مهيني جون پگهارون جاري ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو.

اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري ۽ اسٽيل ملز جي ملازمن جي پگهارن جي ادائگي لاءِ صنعتن واري وفاقي وزارت پاران ڪيل سفارشن جي منظوري ڏني وئي آهي. اسٽيل ملز جي ملازمن لاءِ 355 ملين رپيا ۽ پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري جي ملازمن جي پگهارن لاءِ 128 ملين روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته اسٽيل ملز جي ملازمن جي پگهارن لاءِ هلندڙ مالي سال دوران 4097 ملين رپيا گڏ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اي سي سي جي اجلاس ۾ اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ بجلي استعمال ڪندڙ 4514 واهپيدارن کي سبسڊي ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي، 100 کان وڌيڪ يونٽ استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي 800 روپين تائين سبسڊي ڏني ويندي. اجلاس ۾ ايشيا پيٽروليم لميٽيڊ جي سالانه بجيٽ جي پروپوزل جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي. گوادر پورٽ ۽ گوادر فري زون ۾ انڪم ٽيڪس آرڊيننس تحت استثنيٰ ڏيڻ واري مامري تي قانوني وزارت کان مشورو طلب ڪيو ويو آهي، اي سي سي جي اجلاس کي ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ 16 آگسٽ تائين ڪڻڪ جو ذخيرو 7.516 ملين ٽن هو، جڏهن ته گذريل سال آگسٽ جي مهيني ۾ ڪڻڪ جو ذخيرو10 ملين ٽن کان وڌيڪ هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *