Tuesday , April 16 2024

اسلام ڪوٽ: تربت ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ڪيل 5 پورهيتن کي سنڌ ۽ بلوچستان حڪومت2 سال گذرڻ باوجود اعلانيل امداد نه ڏني، مراد علي شاھ پاران ڪرڪيٽ ٽيم کي دعوت ڏيڻ جو فيصلو

tubat map

بلوچستان جي تربت واري علائي ۾ 2 سال اڳ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهيد ي ويل پنج پورهيتن جي وارثن کي حڪومت پاران اعلانيل مالي امداد اڃا تائين ملي ناهي سگهي. پورهيتن جي وارثن جو چوڻ آهي ته ته سندن گهرن جا ڪمائيندڙ شهيد ٿيڻ بعد گهر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ٻي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ان ڪوشش ۾ آهي ته عيد کان اڳ ڪرڪيٽ ٽيم کي سي ايم هائوس ۾ افطار ڊنر ڏئي، جنهن ۾ وڏو وزير سنڌ حڪومت پاران رانديگرن لاءِ روڪ انعام ڏيڻ جو به اعلان ڪندو.

تربت ۾ شهيد ٿيل ڳوٺ چوڻهار واسي پورهيتن صوبدار، مجنو نالي مٺو، عبدالمجيد ۽ ڌڻي بخش مڪواڻو جي وارثن راڻو مڪواڻو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته، سندن ڀاتين کي دهشتگردن فائرنگ ڪري ڇڏيو هو. راڻو مڪواڻو جو چوڻ آهي ته، دهشتگردن هٿان بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو، ته بلوچستان جي صوبائي حڪومت پاران 10-10 لک رپيا في گهراڻو لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪيو ويو هو. هن ٻڌايو ته ٻه سال گذرڻ باوجود بوچستان حڪومت سکڻا دلاسا ڏئي رهي آهي پر ڪير به اسان جي واهر ڪرڻ وارو نه آهي.

راڻو مڪاڻو ۽ ٻين چيو آهي ته، پورهيتن جي شهادت بعد سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ به سندن لاءِ 2-2 لک رپين جي ماليد امداد جو اعلان ڪيو هو پر بدقسمتيءَ سان سنڌ حڪومت پاران اعلانيل رقم به 2 سال گذرڻ باوجود کين ناهي ملي. مقامي پ پ اڳواڻن ۽ ضلعي انتظاميا سان به ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو آهي پر اهي چون ٿا ته، اعلان سيد قائم علي شاھ ڪيو هو، سو هاڻي اُهو وڏو وزير ئي ناهي رهيو انڪري اعلانيل امداد ملڻ جو آسرو نه ڪيو.

تربت ۾ شهيد ٿي ويل 5 پورهيتن جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن گهرن جا ڪمائيندڙ شهيد ٿي وڃڻ بعد پيٽ پالڻ مشڪل ٿي ويو آهي، سندن ڪير به سار لهڻ وارو نه آهي. پورهيتن جي شهادت وقت ته اعلان ڪيا ويا پيا بعد ۾ ڪير سکڻي دل جوئي ڪرڻ وارو به ڪير ناهي.

شهيدن جي وارثن بلوچستان ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته کين اعلانيل مالي امداد جلد ڏئي شهيدن جي وارثن کي نوڪريون ڏنيون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *