Friday , April 26 2024

اسلام آباد: ڀارت پاڪستان ۾ سرجيل اسٽرائيڪ جي غلطي ڪئي ته کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو: خواجها سعد رفيق

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ سرجيل اسٽرائيڪ جي غلطي ڪئي ته کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جاري آزاديءَ واري تحريڪ کي پاڪستان سان ڳنڍڻ ۾ ناڪاميءَ بعد سرحدن تي ڇڪتاڻ وڌائي جيڪا به هاڻي گهٽجي رهي آهي. خواجه آصف جو چوڻ هو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ جاري آزادي واري تحريڪ جي سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. دفاع واري وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان جو اعتراف عالمي برادري به ڪيو آهي. خواجه آصف جو چوڻ هو ته طالبان ۽ داعش افغانستان ۾ وڌي رهيا آهن ۽ انهن جا محفوظ ٿاڪ به اتي ئي موجود آهن، افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف 16 ملڪن جي فوج ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪري رهي آهي، پر پوءِ به ان کي جوڳي ڪاميابي نه ملي آهي. خواجه آصف جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي هئي، جيڪڏهن نئين دهلي اهڙي ڪا غلطي ڪئي ته کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *