Friday , March 29 2024

اسلام آباد: وفاق سرڪار پرڏيهين کي مڪمل سهولتن ڏيڻ لاءِ پريشان، سنڌ حڪومت مخالف بڻيل

refuges2

وفاقي حڪومت پاران پناهگيرن / غيرقانوني طوور ترسيل پرڏيهين کي مختلف سهولتون ڏيڻ لاءِ قانون جوڙڻ جو فيصلو ڪري ان لاءِ مسودو پڻ تيار ڪري ورتو آهي. وفاقي سرڪار جي اهڙي قانون سان ٻين صوبن کان وڌيڪ سنڌ متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آحي. وفاقي سرڪار پاران پرڏيهين کي مختلف سهولتون ڏيڻ لاءِ اهڙي قانون جي سنڌ سرڪار مخالفت ڪري ڇڏي آهي.

وفاقي حڪومت سنڌ سميت ملڪ ۾ موجود رجسٽرڊ پناهگيرن کي اهم قانوني ۽ مالي حق ڏيڻ ۽ ٻين  پرڏيهين کي آسان نموني ملڪ ۾ پناهه ڏيڻ لاءِ  ”قومي پناهگير قانون“ تيار ڪري ورتو آهي. جنهن تحت پاڪستان ۾ موجود ٻين ملڪن جي رجسٽرڊ پناهگيرن کي ملڪيت خريد ڪرڻ، پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ آساني سان چُرپُر ڪرڻ، رهائش اختيار ڪرڻ، ڪنهن به ٻئي ملڪ وڃڻ لاءِ پاڪستان جا سفري ڊاڪيومينٽ جاري ڪرڻ، سندن ٻارن کي تعليم ڏيڻ، ڄم جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جا  اهم ترين حق ڏنا ويندا. جڏهن ته صوبائي حڪومتون صوبن ۾ رهندڙ انهن پناهگيرن کي زوري نيڪالي نه ڏئي سگهنديون. رجسٽرڊ پناهگيرن کي 5 سالن جو پناهگير ڪارڊ جاري ڪيو ويندو ۽ ان تحت هو قانوني طور تي پاڪستان ۾ رهي سگهندو، جڏهن ته اهو ڪارڊ مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر پڻ جاري ٿي سگهندو. پناهگير پاڪستان ۾ رهڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ دوران ڪوبه ٽيڪس يا في ادا نه ڪندا.

وفاقي حڪومت ان اهم قانون تي صوبن کان راءِ گهري ورتي آهي.  ان حوالي سان ورتل تفصيلن موجب وفاقي سرڪار قومي پناهگير قانون جو مسودو سنڌ حڪومت سميت ٻين صوبائي حڪومتن کي اماڻي ڏنو آهي ۽ کين ان مسودي جو جائزو وٺي پنهنجون سفارشون ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي. ان قانوني مسودي ۾ ڄاڻايل آهي ته پاڪستان ٻين ملڪن جي شهرين کي پناهه ڏئي سگهندو ۽ ان لاءِ پرڏيهي ماڻهن کي درخواست ڏيڻي پوندي جيڪي پرڏيهي پاڪستان ۾ موجود هوندا يا پاڪستان ۾ داخل ٿيندو ته پناهه لاءِ لکت ۾ مناسب سببن سان گڏ درخواست ڏيندو ۽ کيس ملڪ اچڻ ڏنو ويندو يا پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت ڏني ويندي ۽ انهن ماڻهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ويندي يا غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ ترسڻ جي ڏوهه جي سزا نه ڏني ويندي ۽ جيستائين هنن جي درخواستن بابت حتمي فيصلو اچي، تيستائين کين عارضي طور تي ٽن مهينن لاءِ پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت ڏني ويندي. درخواست منظور ٿيڻ کانپوءِ هنن ماڻهن کي رجسٽرڊ پناهگير قرار ڏنو ويندو ۽ 18 سالن کان گهٽ سندن ٻارن کي به اهو درجو ملي ويندو. پناهگيرن جي معاملن کي ڏسڻ لاءِ ملڪي سطح تي رفيوجي ڪميشن قائم ڪئي ويندي، جنهن جو سربراهه رفيوجي ڪمشنر هوندو ۽ سندس مقرري وفاقي حڪومت ڪندي.

refuges1

اهڙي طرح صوبائي سطح تي رفيوجي ڪمشنر مقرر ڪيا ويندا ۽ انهن جي مقرري صوبائي حڪومتون ڪنديون. رفيوجي ڪميشن ۽ ڪمشنر پناهگيرن جي جي درخواستن، انهن جي حقن ۽ ٻين سمورن معاملن کي ڏسندا ۽ انهن کي ضروري ڊاڪيومينٽس به اهي جاري ڪندا. رفيوجي ڪميشن ۽ رياستي ادارا رجسٽرڊ ۽ رجسٽريشن لاءِ درخواست ڏيندڙ پناهگيرن کي پاڪستان ۾ موجود هجڻ تائين مڪمل طور تي تحفظ فراهم ڪرڻ جا پابند هوندا. نئين قانون تحت رجسٽرڊ ۽ رجسٽريشن لاءِ درخواست ڏيندڙ ٻين ملڪن جي ماڻهن کي اهم ترين حق اهي به ڏنا پيا وڃن ته اهي ماڻهو پاڪستان ۾ خاندان سميت آزادي سان چُرپُر ڪري سگهندا ۽ پاڪستان جي ڪنهن به شهر ۾ وڃي ۽ ترسي سگهندا. اهڙي طرح کين مووايبل پراپرٽي  (گاڏيون، ڪرائي تي ملڪيت، فرنيچر وغيره سميت) خريد ڪرڻ جا به حق ڏنا پيا وڃن، جنهن تحت رجسٽرڊ ۽ رجسٽريشن لاءِ درخواست ڏيندڙ پناهگيرن کي اها اجازت هوندي ته اهي پاڪستان ۾ رهي ڪري گاڏيون خريد يا وڪرو ڪري سگهن، ڪرائي تي ملڪيت حاصل ڪري سگهن ۽ ٻيو سامان به وٺي سگهن. کين اها به اجازت حاصل هوندي ته واپس پنهنجي ملڪ وڃڻ مهل هو پنهنجو سامان پنهنجي ملڪ به کڻي وڃي سگهندا. پاڪستاني حڪومت کين ٻئي ملڪ وڃڻ لاءِ پاڪستاني اختيارين جو سفري ڊاڪيومينٽ به جاري ڪري سگهندي جنهن جي بنياد تي اهي پناهگير ٻين ملڪن جو دورو ڪري سگهندا.

نئين قانون ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هنن کي ڪهڙا سفري ڊاڪيومينٽ جاري ڪيا ويندا، ان جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. جيڪو به ماڻهو پاڪستان ۾ پناهه لاءِ اپلاءِ ڪندو يا پاڪستان جي سرحد ۾ داخل ٿيندو ته کيس في الحال پناهگير طور سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ کيس پناهگير ڪارڊ به جاري ڪيو ويندو، جنهن تحت کيس پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت حاصل هوندي ۽ ڪنهن به رجسٽرڊ يا درخواست ڏيندڙ پناهگير کي زوري پاڪستان مان نه ڪڍيو ويندو ۽ نه ئي کيس زوري پنهنجي ملڪ ڏانهن اماڻيو ويندو ۽ جيڪو ماڻهو پاڻمرادو ملڪ واپس وڃڻ چاهيندو ته ان کي واپس وڃڻ جي اجازت هوندي ۽ کيس واپسي لاءِ مڪمل مدد فراهم ڪئي ويندي.

سنڌ سرڪار پاران: پناهگيرن کي سهولتون ڏيڻ بابت قانوسازي جي مخالفت

Sindh Govt Logo1

ڪراچي: سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي تيار ڪيل ان قانون واري مسودي جو جائزو وٺڻ ۽ سنڌ حڪومت جو موقف ڏيڻ لاءِ گهرو سيڪريٽري جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ قانون واري سيڪريٽري، پراسيڪيوٽر جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت ان قانون جي مخالفت ڪندي وفاقي حڪومت کي موقف پيش ڪيو آهي ته سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي لکين پناهگيرن جو مسئلو پيدا ٿيل آهي ۽ سنڌ ۾ آيل پناهگير هن وقت سنڌ جي مستقل آبادين ۾ اچي ويا آهن ۽ هنن سان گڏجي ويا آهن. سنڌ سڀ کان وڌيڪ پناهگيرن جي مسئلن کي ڀوڳي رهيو آهي، ان ڪري پناهگيرن کي حق ڏيڻ کان اڳ ۾ پهرين سنڌ ۾ جيڪي پناهگير ترسيل آهن، انهن بابت پاليسي تيار ڪئي وڃي ۽ انهن کي واپس پنهنجي ملڪن ڏانهن اماڻيو وڃي ۽ پوءِ پناهگيرن بابت قانون ٺاهيو وڃي. ان بابت رابطو ڪرڻ تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ڪاميٽي جي ميمبر بئريسٽر ضمير گهمري ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت پناهگيرن کي حق ڏيڻ لاءِ قانوني مسودو تيار ڪيو آهي، جنهن جو اسان سنڌ حڪومت جي اختيارين جائزو ورتو ۽ وفاقي حڪومت کي جواب ڏنو آهي ته پهرين سنڌ ۾ موجود لکين قانوني ۽ غيرقانوني طور تي ترسيل پناهگيرن بابت حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ۽ هنن کي واپس موڪليو وڃي ۽ ان کانپوءِ پناهگيرن جي حقن بابت قانون ٺاهيو وڃي. اهي پرڏيهي ماڻهو سنڌ جي وسيلن تي وڏو بار آهن، ان ڪري وفاقي حڪومت کي چيو آهي ته پهرين سنڌ ۾ موجود لکين پرڏيهين کي نيڪالي ڏيو ۽ پوءِ ڪا پاليسي يا قانون ٺاهيو. هن چيو ته پناهگيرن بابت قانون موجود آهن، جن تحت کين ڪئمپن تائين محدود رکڻو آهي پر سنڌ ۾ پناهگيرن کي ڪئمپن بدران مستقل رهواسين جي آبادين ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ هو غيرقانوني طور تي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ڪاروبار به ڪري رهيا آهن، هنن جي ڪري سنڌ جو انفرا اسٽرڪچر، تعليم، صحت جا ادارا متاثر ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ حڪومت ڪروڙين رپيا انهن غيرقانوني پرڏيهين جي سهولتن لاءِ خرچ ڪري رهي آهي. نئين قانون ۾ وفاقي حڪومت اهو به تجويز ڪيو آهي ته رجسٽرڊ پناهگير ڪو به ٽيڪس نه ڏيندا ۽ نه ئي ڪا فيس ڀريندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *