Saturday , April 20 2024

اسلام آباد: مونکي خبر آهي ته منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي: نواز شريف

Nawaz Sharif court01

احتساب عدالت ۾ پيشي تان واپسي بعد پنجاب هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نااهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيوته مون کي خبر آهي ته منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي،مون کي عوام کان ڪير پري نه ٿو ڪري سگهي،آمريتي دور جي ڪيسن ۾ ٻن اپيلن جو حق هو پر هاڻ اپيل جو حق به ناهي،ستر سال پراڻي ڪينسر جو علاج ڳولڻو پوندو علاج نه ٿيو ته ملڪ ڪنهن سانحي جو شڪار ٿي سگهي ٿو،ڪالهه احتساب عدالت ۾ پيشي ۽ سياسي ڌرين سان صلاح مشوري کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو ته مون کي گھر واري جي بيماري جي ڪري ايمرجنسي ۾ ملڪ کان ٻاهر وڃڻو پيو، منهنجي وهم گمان ۾ به اها ڳالهه نه هئي ته ضرورت کان هڪ ڏينهن وڌيڪ آئون ملڪ کان ٻاهر رهان، اهو معاملو ڪنهن موقعي تي بحث هيٺ نه آيو، منهنجي واپسي منهنجي روانگي جي ڏينهن طئي ٿي چڪي هئي.

نواز شريف جو چوڻ هو ته  مون حالتن جي سنگيني کي هن کان اڳ به منهن ڏنو آهي، هاڻ به ڏئي رهيو آهيان، هن چيو ته هي منهنجي ذات خاندان نه پر ويهه ڪروڙ عوام جو مسئلو آهي انهن کي اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهان، هن چيو ته مون ڏهه سال اڳ سيپٽمبر جي مهيني ۾ وطن ورڻ چاهيو ته مون کي ملڪ ۾ لهڻ نه ڏنو ويو، عدالتي حڪم جي توهين جي درخواست اڄ به شايد عدالت جي ڪنهن دراز ۾ پيئي هجي، هن چيو ته اسان هميشه آئين ۽ قانون جو احترام ڪيو آهي، اسان نااهلي ۽ جلاوطني قبول ڪئي، هائيجيڪنگ جي الزام ۾ قيد جي سزا ڪاٽي پر آمريت جي آڏو ڪنڌ نه جهڪايو آهي، هن چيو ته قانون ۽ انصاف جي انهي عمل مان به گذريس هاڻ به گذري رهيو آهيان پر انهي وقت آمريت هئي هاڻ جمهوري دور آهي، آمريتي دور ۾ مون کي سزا کان پوءِ ٻن اپيلن جو حق هو هاڻ اهو اپيل جو حق به کسيو ويو آهي، هن چيو ته عدالت پراسرار نموني سان جي آءِ ٽي بڻائي، انهي جي نگراني جي به پاڻ ڪئي، انهي عدالت جي ڪڏهن ٽن ته ڪڏهن پنجن جج فيصلو ٻڌايو، انهي عدالت نيب کي حڪم ڏنو ته پنهنجا ضابطه ٽوڙي ريفرنس داخل ڪريو، انهي عدالت نيب جو ڪنٽرول به سنڀالي ورتو.

Nawaz

نااهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عدالت آڏو 12 سوال اٿاريا پر انهن مان هڪ جو جواب نه آيو، انهي جو جواب نه ايندو، هن چيو ته ستر سالن جي تاريخ ۾ اهڙو ڪيس آيو جنهن ۾ سمورو بار دفاع ڪندڙن جي ڪلهن تي وڌو ويو، هن چيو ته اڄ به آمريتي دور جي ڪيسن کي اڳتي آندو ويو آهي، اسان ڏسي رهيا آهيون ته انصاف جي گھرجن سان ڇا ٿي رهيو آهي،هن چيو ته اهو به نه ٿي سگهيو جو ڪير اعتراف ڪري ته اوهان کي پاناما ۾ سزا نه ٿي اچي سگهي انهي جي ڪري اقاما ۾ سزا ڏئي رهيا آهيون، اها ڳالهه ماڻهن کي ٻڌائڻ گهرجي ها، جيئن ماڻهن کي ڳالهه سمجهه ۾ ته اچي وڃي ها، هن چيو ته مون فيصلو قبول ڪري ورتو پر جنهن فيصلي کي آئيني ۽ قانوني ماهرن نه قبول ڪيو آهي ته آئون ڪيئن مڃان اهڙي فيصلي تي سزائون اچي وڃن ٿيون پر اهي قبول نه ٿا ڪيا وڃن، اهڙن فيصلن جي خلاف اپيل ٿئي يا نه ٿئي پر عوام ۽ تاريخ جي عدالتن ۾ اهڙيون اپيلون لڳنديون رهنديون آهن جا فيصلا به ايندا آهن، اهڙي اپيل تي جي ٽي روڊ تي عوام فيصلو ڏنو، بري امام کان داتا درٻار جي نگري تائين انهي فيصلي جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي، ٻي اپيل تي فيصلو اين اي 120 جي عوام ٻڌايو آهي، هن چيو ته اهڙا فيصلا مسلسل ايندا رهندا، وڏو فيصلو 2018ع ۾ ايندو، اهڙو عظيم فيصلو جيڪو ٻين فيصلن کي لوڙهي ڇڏيندو.

Nawaz NAB court 01Nawaz NABنواز شريف چيو ته آئون پنهنجي ٻارن سميت اهڙن هيرن جي جي آئي ٽي آڏو پيش ٿيس، جن جي چونڊ واٽس ايپ ڪالز ذريعي ٿئي انهن ۾ اهي هيرو به هئا جن جي خلاف انڪوائريون جاري رهيون،اڄ اهي سپريم ڪورٽ جا نور نظر آهن، هن چيو ته اڄ آئون احتساب عدالت ۾ پيش ٿيس، عوام مون سان گڏ آهي، هن چيو ته نشانو منهنجي ذات ۽ خاندان آهي پر سزا پوري ملڪ ،قوم پاڪستانين ۽ انهن جي نسلن کي ملي رهي آهي،هن چيو ته ترقي ڪندڙ جمهوري پاڪستان کي تماشو بنايو ويو آهي، هن چيو ته آئون ڪا مشڪل ڳالهه نه پيو ڪريان، هن ملڪ کي آئين موجب هلڻ ڏنو وڃي، جيڪڏهن آئين پاڪستان جي عوام کي حڪمراني جو حق ڏئي ٿو ته انهي حق کي تسليم ڪيو وڃي، حيلا بهانا بنائي عوام جي چونڊيل قيادت کي نشانو نه بنايو وڃي، هن چيو ته ستر سالن کان اها راند ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو، اهليت يا نااهلي جو فيصلو ويهه ڪروڙ عوام کي ڪرڻ ڏنو وڃي، انهي کان سندن آئيني حق نه کسيو وڃي. هن چيو ته فيصلن جي ساک نه رهي ته عدالتن جي ساک به نه رهندي آهي، اسان جي تاريخ اهڙن فيصلن سان ڀري پئي آهي جنهن جو ذڪر ڪندي ندامت ٿئي ٿي، هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ستر سالن کان پکڙيل ڪينسر جو علاج ڳوليو نه ته خدا نه ڪري ملڪ ڪنهن سانحي جو شڪار نه ٿي وڃي، هن چيو ته هو ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس کي منهن ڏئي رهيو آهي انهي ۾ سزا ملي آهي ۽ سزا ملي به پئي پر مون هڪ سچو ڪيس وڙهڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو آهي اهو قائداعظم، عوام، آئين، جمهوريت، ووٽ جي تقدس ۽عوام جي حق حڪمراني جو ڪيس آهي، ستر سالن کان نشانو بنيل وزيراعظمن جو ڪيس آهي، جيڪو آئون وڙهندو رهندس.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *