Friday , March 29 2024

اسلام آباد: قائداعظم يونيورسٽي ۾ پختون ڪائوسن جي غنڊن جو سنڌي شاگردن تشدد، امتحان کان روڪي ي ورتو

اسلام آباد:

اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽي ۾ ٿيل جهيڙي جو ڪيس پختون ڪائونسل جي ڏيڍ سئو شاگردن خلاف داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ چيو آهي ته جوابدارن ٻن هاسٽلز جي ٻن ڪمرن تي حملو ڪري شاگردن تي تشدد ڪيو ۽ سي سي ٽي وي ڪئمرائن جو رڪارڊ به پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
اسلام آباد جي سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي هاسٽل وارڊن محمد نظار جي فرياد تي داخل ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ پختون ڪائونسل جي ڏيڍ سئو شاگردن خلاف حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جا قلم شامل ڪيا ويا.
ايف آءِ آر جي متن موجب جوابدارن هاسٽل نمبر 6 ۽ 9 جي ٻن ڪمرن تي حملو ڪري شاگردن کي ٻاهر ڪڍيو ۽ مٿن تشدد ڪيو، جنهن ۾ حملي ۾ فهد حسين، عنايت، سراج، اسد الله، عبدالحفيظ سميت 16 شاگرد زخمي ٿيا.
ايف آءِ آر ۾ چيو ويو ته جوابدار حملي بعد ٻنهي هاسٽلز جون سي سي ٽي وي ڪئمرائون ٽوڙي فٽيج به پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

قائد اعظم يونيورسٽي جي شاگردن تي پختون ڪائونسل جي غنڊن جي حملي جو آواز ملڪ جي اعليٰ ايوان سينيٽ ۾ ان وقت گونجيو جڏهن پ پ سينيٽر عاجز ڌامراهه ايوان جو ڌيان هن مسئلي ڏانهن ڇڪايو. عاجز ڌامراهه  چيو ته پختون ڪائونسل سان لاڳاپيل شاگردن سنڌي شاگردن تي بنا جواز جي حملو ڪيو جنهن ۾ 13 کان وڌيڪ شاگرد زخمي ٿي پيا. هاڻي پختون شاگردن سنڌي شاگردن تي هاسٽلز مان نڪرڻ جي صورت ۾ مٿن حلملو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن سبب سنڌي شاگرد هاسٽلز تائين محدود ٿي ويا آهن، جنهن تي سينيٽ چيئرمين رضا رباني سينيٽر راجا ظفر الحق کي چيو ته هُو معاملي کي حل ڪرائي، شاگردن جو تعليمي سال ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي، جنهن بعد واقعي جو پختون ڪائونسل جي هڪ سئو کان وڌيڪ ميمبرن تي سيڪريٽيٽ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پر اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *