Friday , April 19 2024

اسلام آباد: فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ، پيپلز پارٽي وڏو فيصلو ڪري ڇڏيو

PPP-Logo-Pakistan-Peoples-Party
پيپلزپارٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏوي آهي، پ پ جي ترجمان فرحت الله بابر جو چوڻ آهي ته، فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي سڏايل اي پي سي ۾ مخالف ڌر جي سمورين پارٽين کي دعوت لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
پيپلز پارٽي پاران فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي بابت 4 مارچ تي اسلام آباد ۾ اي پي سي سڏائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پيپلز پارٽي جي ترجمان فرحت الله بابر جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته، فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جي ٿيل اجلاسن دوران پيپلز پارٽي پنهنجو موقف پيش ڪري تجويزون به ڏنيون.
فرحت الله بابر چيو ته، حڪومت اسان جي تجويزن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، جنهن بعد اي پي سڏائڻ ڪجو به مطالبو ڪيو، پر ان تي به حڪومت سنجيدگي سان نه سوچيو.
فرحت الله بابر چيو آهي ته، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي سيئنر اڳواڻن سان صلاح مشورن بعد پيپلز پارٽي پاران اي پي سي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي پ پ جي ميزباني هيٺ 4 مارچ تي اسلام آباد ۾ اي پي سي سڏائي وئي آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ مخالف ڌر جي سمورين پارٽين کي دعوت ڏيڻ لاءِ رابطا ڪيا پيا وڃن.
پيپلز پارٽي پاران اي پي سي ۾ شرڪت لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ ساهه محمود قريشي، قاف ليگ جي مشاهد حسين سيد، شيخ رشيد سميت مخالف ڌر جي پارٽين جي سربراهن ۽ ٻين اڳواڻن سان رابطا تيز ڪيا ويا آهن.
ان سلسلي ۾ پ پ ترجمان سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته، سندن ڪوشش هوندي ته فوجي عدالتن واري اهم معاملي تي مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون اي پي سي ۾ شرڪت ڪري گڏيل تجويزون تيار ڪن……

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *