Friday , March 29 2024

اسلام آباد: شريف خاندان جو اصل گهر اڊيالا جيل آهي، شهباز شريف خلاف به عدالت ۾ ويندس: عمران خان

nawaz & shahbaz 1

پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان مطالبو ڪيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف، پنجاب جي وڏي وزير، پنجاب شهباز شريف، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ اسپيڪر اياز صادق فوري طور تي استعيفيٰ ڏين سندن هاڻي گهر اڊيا جيل ۾ آهي، بني گالا ۾ عمران خان جي سربراهي ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي قانوني ماهرن سميت اهم اڳواڻن جائزو ورتو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته گذريل ڏينهن جي آءِ ٽي جي رپورٽ جلد ۾ ڏٺي اڄ ان جو تفصيلي جائزو ورتو، هاڻي صرف نواز شريف جي استعيفيٰ نه پر شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، عمران خان چيو آهي ته نواز شريف شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار فوري استعيفيٰ ڏين، هن چيو ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ظفر حجازي جهڙي ماڻهو کي ايس اي سي پي جو چيئرمين بڻايو آهي، جيڪو ڪرپٽ آهي، هن چيو ته شهباز شريف به مني لانڊرنگ ملوث آهي.

عمران خان ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته، قطري جو خط ۽ بيان فراڊ هو، هن چيو ته دبئي جي جسٽس ڊپارٽمينٽ تسليم ڪيو آهي ته هن خط ۽ قطري وارو معاملو فراڊ آهي، هن چيو ته ملڪ جي خزاني تي مني لانڊر اسحاق ڊار کي ويهاريو ويو آهي. 8 ملين ڊالر مني لانڊرنگ ذريعي ملڪ کان ٻاهر ويا، اسحاق ڊار نواز شريف جو فرنٽ مين آهي، هن چيو ته شريف خاندان سپريم ڪورٽ ۾ ڪوڙ ڳالهايو، ايس اي سي پي ۽ آءِ بي کي غلط استعمال ڪيو.پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته هي قوم جا مجرم آهن، پاڻ کي شريف سڏائيندڙ قوم جي پئسي تي پليا آهن، سندن اڻ مئي دولت جو ڪو ڪاٿو ئي نه آهي ۽ جنهن پئسي مان اها دولت ڄاهي وئي آهي کين اها به خبر ناهي ته اها ڪئين گڏ ڪئي. شريف خاندان جو هر فرد هڪ سوال جا ڪيترائي جواب ڏئي ٿو ۽ هر جواب اڳ ڏنل جواب جي خلاف هجي ٿو.

IMRAN

عمران خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مجرم جي جيڪو حمايت ڪري ٿو اهو به مجرم آهي، هن چيو ته وري به هڪ سال کان ٽي وي تي ان جي حمايت ڪري رهيا آهن، هن چيو ته شرم جهڙي ڳالهه آهي، هن چيو ته استعيفيٰ ڪافي ناهي، انهن جو گهر اڊيالا جيل آهي، هن چيو ته هن جا پٽ 19 سالن ۾ ارب پتي ٿي ويا آهن، اسحاق ڊار ۽ نواز شريف جا پٽ ارب پتي ٿي ويا آهن، هن چيو ته نواز شريف پيءُ جي نالي به ڪوڙ هڻي رهيو آهي ۽ خود مظلوم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته هنن کي جيل ۾ وڃڻ گهرجي، ننڍا ننڍا چور جيل ۾ آهن ته هي اربين رپين جا چور جيل ۾ ڇو نه هجن، هن چيو ته مجرمن جو دفاع ڪندڙن کي شرم کان ٻڏي وڃڻ گهرجي، ملڪ جا ٻار بک مري رهيا آهن، گندو پاڻي پي رهيا آهن، اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، هن چيو ته اسپيڪر اياز صادق ادارو آهي، هو پارليامينٽ جو اسپيڪر آهي. نواز شريف تي ثابت ٿيو آهي ته هو چور آهي، ان جو ريفرنس موڪليو پر منهنجو ريفرنس موڪليو ويو، هاڻي ان کي ڪو به اسپيڪر تسليم نه ڪندو، جنهن ڪري هو فوري استعيفيٰ ڏئي. عمران خان چيو ته التوفيق بئنڪ ڪيس ۽ 3 شگر ملن واري ڪيس تي شهباز شريف خلاف عدالت ۾ وڃون پيا، هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته رپورٽ کي عمران نامو چوڻ جو مطلب مان سچ ڳالهايو آهي. موٽو گينگ جوابدار جو دفاع ڪري رهي آهي، حڪومت چوي ٿي ته رپورٽ کي تسليم نه ٿا ڪيون، هي ماڻهو ڪڍي ڏيکارن پوءِ اسان به ڪڍي ڏيکارينداسين، هن چيو ته منهنجي ڪيس ۾ جيڪو ڪجهه عدالت گهريو اهو ڏيندس، جمائما به 15 سالن جو رڪارڊ ڏيکاريو ۽ عدالت جڏهن گهرايو پيش ٿي ثبوت ڏيندس.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *