Saturday , April 20 2024

اسلام آباد روڊ حادثي جو جوابدار امريڪي دفاعي سفارتڪار ڪرنل جوزف آمريڪا هليو ويو

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سوا مهينو اڳ اسلام آباد ۾ نشي واري حالت ۾ گاڏي جي ٽڪر ۾ هڪ پاڪستاني نوجوان جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو مک جوابدار ڄاڻايل امريڪي سفارت خاني جوعملدار ڪرنل جوزف نيٺ آمريڪا هليو ويو آهي، جنهن تصديق امريڪي سفارتخاني جي ترجمان به ڪري ڇڏي آهي، ان کان اڳ ٻن پاڪستاني شهرين جي قتل ۾ ملوث ريمنڊ ڊيوس کي به آمريڪا وڃڻ ڏنو ويو هو. پاڪستاني شهري کي چيڀاٽي ماريندڙ آمريڪي ڪرنل جوزف پاڪستان کان آمريڪا روانو ٿي ويو. اسلام آباد ۾ پاڪستاني شهري کي چيڀاٽيندڙ آمريڪي ملٽري اتاشي ڪرنل جوزف کي پرڏيهي کاتي طرفان سفارتي ڇوٽ ڏني وئي جنهن بعد هو نور خان ايئربيس تان خاص اڏام ذريعي آمريڪا روانو ٿي ويو. ڪرنل جوزف بابت پاڪستاني اختيارين آمريڪا کان درخواست ڪئي هئي ته ڪرنل جوزف کي حاصل سفارتي ڇوٽ ختم ڪئي وڃي پر آمريڪا سفارتي ڇوڙ کي ختم نه ڪيو جنهن تي ان سهولت مان فائدو حاصل ڪندي ڪرنل جوزف آمريڪا روانو ٿي ويو.  سفارتي ذريعن وڌيڪ چيو ته آمريڪا خاطري ڪرائي آهي ته ڪرنل جوزف جي خلاف ويانا ڪنونشن جي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *