Friday , March 29 2024

اسلام آباد جي لال مسجد تي وري ڪنهن قبضو ڪري ورتو؟؟

ڪشمير جهاد شروع ڪيو، ملڪ ۾ فوري طور تي شرعي نظام لاڳو ڪري مسجد جي ڀر ۾ سرڪاري زمين تي مدرسو قائم ڪيو وڃي: مولانا عبدالعزيز جو مطالبو

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ قائم لال مسجد تي هڪ ڀيرو ٻيهر مولانا عبدالعزيز قبضو ڪري ورتو هي، مولانا عبدالعزيز ڇنڇر ڏينهن 100 کان وڌيڪ کٿابي ڇوڪرين سان گڏجي لال مسجد پهتو ۽ ان ۾ زبردستي داخل ٿي ويهي رهيو، هن مسجد جو قبضُو خالي ڪرڻ لاءِ ٽي وڏا شرط رکي ڇڏيا آهن. اسلام آباد جي انتظاميا مسجد ٻاهران موجود آهي، جيڪا مسجد اندر داخل ٿيڻ کان لنوائي رهي آهي. مولانا عبدالعزيز مسجد جو قبضُ ڇڏڻ لاءِ اسلام آباد جي انتظاميا آڏو سخت شرط رکي ڇڏيا آهن، هن ڪمشنر اسلام آباد سان ڳالهين کان انڪار  ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته، هُو ڪنهن وفاقي وزير کانسواءِ ڪنهن ٻئي سان ڪي به ڳالهيون نه ڪندو، حڪومت کان ڪشمير جهاد جو اعلان ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ فوري طور تي شرعي نظام لاڳو ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. مولانا عبدالعزيز کان لال مسجد جي ڀرسان سرڪاري زمين تي قائم مدرسي جي نئي سِر اڏاوت جو به مطالبو ڪيو آهي، اهو مدرسو پرويز مشرف جي حڪومت دوران آپريش ڪري اهو چئي ڊاٿو ويو هو ته اهو سرڪاري زمين تي غيرقانوني طريقي سان اڏيو ويو آهي.

برطانوي خابرو اداري اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، مولانا عبدالعزيز اداري سان مدرسي مان موبائل فون تي ڳالهائيندي چيو آهي ته، “ مولانا عبدالعزيز پنهنجن انهن ٽنهي مطالبن جي منظوري لاءِ انتظاميا ۽ حڪومت خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکندو، هن مسجد ۽ مدرسي لاءِ سندس  والد ۽ ڀاءُ وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ هاڻي سندس قبضو ڪير به خالي نه ٿو ڪرائي سگهي.” ياد هجي ته لڳ ڀڳ 13 سال اڳ 2007 دوران پرويز مشرف جي حڪومت دوران لال مسجد ۾ آپريشن دوران مبينا طور تي هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي وياا هئا، جن ۾ کٿاڀي به شامل هئا، جنهن دعويٰ کي انتظاميا رد ڪندي رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *