Friday , April 19 2024

اسلامي نظرياتي ڪائونسل فيصلو ڪندي ته ”زندگي تماشو“ آهي يا فلم

اسلامي نظرياتي ڪائونسل فلم ”زندگي تماشو“ رليز ٿيڻ کان اڳ ۾ ڏسندي، فلم رليز ٿيڻ جو فيصلو به اسلام نظرياتي ڪائونس ڪندي

ڪراچي (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) فلم ساز سرمد کوسٽ جي فلم ”زندگي تماشو“ خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان کان پوءِ وفاقي حڪومت به سامهون اچي وئي، فيڊرل فلم سنسر بورڊ مان منظُوري جي باوجود وفاقي حڪومت فلم کي ريلز ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فلم رليز ڪرڻ کان اڳ اسلامي نظرياتي ڪائونسل ان جو جائزو وٺندي. فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ”مرڪزي فلم سنسر بورڊ فلم ”زندگي تماشو“ رليز ڪرڻ کان اڳ ان جو اسلامي نظرياتي ڪائونسل ان جو تنقيدي جائزو وٺندي ۽ ان لاءِ ان سان رابطو ڪيوم ويو آهي. فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته فلم پروڊيوسر کي هدايت ڪئي آهي ته، جيستائين اسلامي نظرياتي ڪائونسل کان فلم جو جائزو وٺڻ تائين رليز نه ڪئي وڃي.

مرڪزي فلم سنسر بورڊ کانپوءِ سنڌ ۽ پنجاب جي ريجنل سنسر بورڊز پاران فلم ”زندگي تماشو“ رليز ڪرڻ کان روڪڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون هيون انکان هڪ ڏينهن تحريڪ لبيڪ پاڪستان به فلم ”زندگي تماشو“ خلاف احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، اهڙي صورتحال کانپوءِ فلم پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر سرمد کوسٽ احتجاجي مظاهرن خلاف لاهور جي مقامي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي چڪو آهي. سرمد کوسٽ جو چوڻ آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مان کيس ۽ سندس ڪٽنب سميت ساڻس لاڳاپيل ٻين ماڻهن کي به جان جو خطرو آهي.

” ڪراچي اور سنڌ “: صوبائي وزير عذرا پيچوهو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *