Saturday , April 20 2024

اسرائيل ايران خلاف سعودي عرب کي سهڪار جي آڇ ڪري ڇڏي

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسرائيل سعودي عرب کي ايران خلاف سهڪار جي آڇ ڪري ڇڏي، اسرائيلي فوج  جي سربراهه سعودي نيوز ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته سعودي عرب ۽ اسرائيل جا ڪيترائي گڏيل مفاد آهن، ايران جو مقابلو ڪرڻ لاءِ  عرب ملڪن سان ڳجهي معلومات جي مٽا سٽا لاءِ تيار آهيون. اسرائيلي فوج  جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل گيڊي آئزن ڪوٽ  سعودي نيوز ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته وچ اوڀر ۾ ايراني اثر کي روڪڻ لاءِ سعودي عرب سان ڳجهي معلومات جي مٽا سٽا لاءِ تيار آهيون.

اسرائيلي جنرل  ايران کي خطي لاءِ وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو ته ايران خطي ۾ هٿيار بند گروپن جي مدد پيو ڪري ان لاءِ ضروري آهي ته ايران کي خطي ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ کان روڪيو وڃي. جنرل گيڊي آئزن ڪوٽ چيو ته  سعودي عرب ۽ اسرائيل جا ڪيترائي گڏيل مفاد آهن، ايران جو مقابلو  ڪرڻ لاءِ  جڏهن به ضرورت پئي، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن سان  ڳجهي معلومات  جي مٽا سٽا ڪري سگهجي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *