Friday , March 29 2024

” اسان فيصلو ڪيو ته ڪراچي ۽ سنڌ کي بند ڪيون“: بلاول ڀٽو زرداري

ايم ڪيو ايم کانپوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ”ڪراچي اور سنڌ“ چوڻ لڳو

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) ايم ڪيو ايم کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به “ سنڌ ۽ ڪراچي ” جو اسطلاح استعمال ڪرڻ شروع ڏنو آهي.ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، ڪرونا جي  صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ روڪٿام لاءِ “ اسان فيصلو ڪيو ته اسان ڪراچي کي به ۽ سنڌ کي به بند ڪيون ” “ هم ني فيصلا ڪيا ڪه ڪراچي ڪو بهي بند ڪرين اور سنده ڪو بهي بند ڪرين”. ڪراچي کي سنڌ کان الڳ يعني “ڪراچي اور سنڌ ” جو اصطلاح اردو ميڊيا ۽ ايم ڪيو ايم استعمال ڪندي رهندي آهي، جنهن تي سنڌ جي ماڻهن کي سخت اختلاف آهي ۽ انهن جي اهڙي عمل کي سختي سان ننديو ويندو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به بنا ڪنهن ڌڙڪ جي ساڳيو اسطلاح استعمال ڪيو آحي، سندس اهڙي اسطلاح استعمال ڪرڻ وقت وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ پ پ پ جا ٻيا اڳواڻ به موجود هئا، پريس ڪانفرنس کانپوءِ يا بعد ۾ ڪنهن به اڳواڻ يا بلاول ڀٽو زرداري پاڻ اهڙو اسطلاح استعمال ڪرڻ کي “زبان جي ترڪي وڃڻ” جي غلطي ناهي ڄاڻاي. ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري جي اهڙي بيان کانپوءِ سوش: ميڊيا تي به مٿس سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *