Friday , April 19 2024

اسان جي اسڪول ۾ ڪاپي جي شڪايت ناهي، وزير صاحب غلط لفظ ڳالهايا ڇا ڪيون: پائلٽ هاءِ اسڪول جو پرنسپال

لاڙڪاڻو(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) تعليم واري وزير سيد سردار شاهه لاڙڪاڻي ۾ جنهن پرنسپال سان گٿن لفظن جو استعمال ڪيو، ان جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير لفظ ”ڏنڊو“ استعمال ڪيو، پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻي جي پرنسپل الهه بخش سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صوبائي وزير اسان جي اسڪول جو دورو ڪيو. جتي کيس ڪو به موبائيل فون يا ڪاپي جو پنو به نه مليو. پرنسپل الهه بخش سومرو چيو وڌيڪ ٻڌايو ته صوبائي وزير دوري بعد جيئن ئي واپس وڃي رهيو هو ته کيس ايڪسٽرنل نظر آيو ۽ صوبائي وزير ان کان پڇيو ته توهان هن وقت تائين گهڻن شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪيو آهي؟، پرنسپال موجب، وزير صاحب جي ان سوال تي ايڪسٽرنل وراڻيو ته هڪ به ناهي ڪيو. ان ڳالهه تي وزير صاحب ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيو ته آئون اوهان کي ”ڏنڊو“ ڏيندس، جڏهن ته هن کي ان قسم جا لفظ ڳالهائڻ نه گهرجن ها، پر هاڻي وزير صاحب آهي هن کي ڪير چوي؟ هن چيو ته اسان وٽ 3 ۽ 5 اپريل تي هڪ پوليس اهلڪار نه هو، وزير صاحب کي ٻڌايو ته اسان وٽ هڪڙو به پوليس وارو ڊيوٽي تي ناهي، اسان کي ڪيترائي ماڻهو ڌمڪيون ڏين ٿا، پر اسان جي انهي تي ڪا به مدد ناهي ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *