Thursday , March 28 2024

ارڙهين ترميم ختم ڪئي وئي ته دمادم مست قلندر ٿيندو: بلاول ڀٽو زرداري جو چتاءُ

خانپور مهر (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم عمران خان کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته، جيڪڏهن 18هين ترميم ختم ڪري ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ دما دم مست قلندر ٿيندو، حڪومتي پاليسين جي نتيجي ۾ ملڪ تيزي سان ڏيوالي نڪرڻ طرف وڌي رهيو آهي، سن ڌ ۾ اسان جي ماڻهن جون وفاداريون تبديل ڪرائڻ لاءِ هيسايو پيو وڃي. خانڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته، ڪوئيٽا ۾ هيڏو ولڏو سانحو ٿي ويو آهي پر عمران خان مملڪتي گهرو وزير اُتي نه پهتا آهن، ملڪ جو امن تباهه ٿي رهيو آهي پر حڪمران خاموش آهن. پ پ چيئرمين چيو ته، حڪمرانن وٽ نه ته پرڏيهي پاليسي آهي، نه ئي وري معاشي پاليسي ، هنن وٽ ته رڳو پنڻ پاليسي آهي. بلاول چيو ته ايتري مهانگائي ڪئي وئي آهي جو ماڻهو هڪ ويلي جي ماني کان سڪي رهيا آهن، مهانگائي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اهو نااهل جو ٽولو آهي، اهي ملڪ سنڀالي نه ٿا سگهن. بلاول چيو ته عمران خان چيو هو ته هو خودڪشي ڪري ڇڏيندو پر قرض نه وٺندو ۽ آءِ ايم ايف وٽ نه ويندو. پ پ چيئرمين جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته، ڪٺ پتلي حڪومت هڪ ڪروڙ نوڪرين جو اعلان ڪيو هو، اڄ نوجوان بيروزگاري سبب روئي رهيا آهن، انهن 50 لک گهر ڏيڻ جو به اعلان ڪيو هو پر اقتدار ۾ اچي حد دخلين جي نالي تي ماڻهن کي بي گهر ڪري رهيا آهن، پ پ چيئرمين چيو ته ايمنسٽي اسڪيم ٽيڪس ادا ڪندڙن جي منهن تي چماٽ آهي، بلاول تنقيد ڪندي وزيراعظم کان سوال ڪيو ٻڌايو ته ايمنسٽي اسڪيم سان اوهان ڪنهن جو ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ چاهيو ٿا، پنهنجو، جهانگير ترين جو يا عليمه باجي جو؟ وفاقي سرڪار جي ڊي اي جي چوڻ تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان شهيد راڻي جو نالو هٽائڻ چاهي ٿي، وفاق سنڌ جي 134 ارب رپين تي ڌاڙو هنيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *