Friday , March 29 2024

ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس: سنڌ حڪومت پاران عدالتي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار ) ڀينس ڪالوني ۾ بي رحمي سان قتل ڪيل قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي واري قتل خلاف سڄي سنڌ ۾  احتجاجي مظاهرن ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي ٽرينڊ ٺهڻ کانپوءِ نيٺ وڏي وزير مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي معاملي جي جاچ ڪرائڻ حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، وڏي وزيرآءِ جي سنڌ کي کي فون ڪري هدايت ڪئي ته معاملي جي جاچ لاءِ سينئر پوليس آفيسر جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي. آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي عامر فاروقي جي سربراهي ۾ ٽن پوليس آفيسرز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وڏي وزير ارشاد رانجهاڻي جي قتل جو نوٽيس وٺندي جوابدار يوسي چيئرمين رحيم شاهه کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽  آءِ جي پوليس سان فون تي رابطو ڪيو ۽ سينئر آفيسر کان جاچ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته يوسي چيئرمين مبينا طور ارشاد رانجهاڻي کي قتل ڪيو پوليس واقعي بعد ڪيتري دير سان پهتي، ڇا پوليس زخمي ارشاد کي اسپتال کڻي وئي.  وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته واقعي بعد هن وقت ڪيترا جوابدار گرفتار ٿيا آهن؟ ٻئي طرف اي آءِ جي ڪراچي امير شيخ معاملي جي جاچ لاءِ ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جي سربراهي ڊي آءِ جي ايسٽ عامر فاروقي ڪندا جڏهن ته ايس پي ايسٽ، ايس ايس پي جاچ ملير به شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *