Friday , March 29 2024

اربين رپين جو تيل ڏيندڙ بدين ضلعو هڪ پل به نه لهڻي؟

اربين رپين جو تيل ڏيندڙ بدين ضلعو هڪ پل به نه لهڻي؟ ڪڙيو گهنور واسي ٻارڙا پلسراط جهڙي پل پار ڪري تعليم جي اڃ اجهائڻ لڳا

بدين ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ملڪي خزاني ۾ اربين رپين جي ماليت جو هر مهيني تيل ۽ گئس ڏيندڙ ضلعي جي ڪڙيو گهنور جي امام واهه تي هڪ پل ٺهي نه سگهي، معصوم ٻارڙا ڪاٺ جي موري تان زندگي داءَ تي لڳائي امام واهه جي ٻئي پاسي تعليم پرائڻ لاءِ وڃڻ تي مجبور آهن، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته الڪيشن دوران سمورن اميدوارن کوڙ سارا خواب ڏيکاريا پر ٺهي هڪ پل به ناهي. صوبائي توڙي ضلعي انتظاميا جي انتهائي بيحسي جو مثال هڪ تصوير جي صورت ۾ منظر تي اچي ويو آهي، ڪڙيو گهنور ۾ امام واهه تي ڪاٺ جي موري تان روزانو گذرندڙ ٻارڙا بدين مان چونڊيل عوامي نمائندن جي ڪارڪردگي جو اعليٰ مثال آهن. سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن جي بيحسي جي امام واهه جاگير تي اڃا تائين پُل نه ٺهي سگهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ چندو ڪولهي ۽ ڀرپاسي جي رهواسين جو شهر توڙي ٻين علائقن سان زميني رابطو ڪاٽا ٿيل آهي. علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪاٺين جي موري ٺاهي، جتان نه رڳو وڏڙا پر ٻارڙا به پنهنجي حياتي داءُ تي لڳائيندي مجبوريءَ مان گذري رهيا آهن.

ٻارڙا ساهه مُٺ ۾ ڪري ڪاٺ جي موري تان گذري اسڪول ويندا رهن ٿا، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، ڪاٺ واري پلسراط جهڙي موري تان ٻارن جي شاخ ۾ ڪرڻ جا واقعا پيش ايندا رهن ٿا، جن کي عائقي واسي بچائي وٺندا آهن ڪجهه ٻارڙا ٻڏي فوت ٿيڻ جا به واقعا پيش اچي چڪا آهن، ڪڙيو گهنور جي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن ڪاٺ جي موريءَ تان گذرندڙ معصوم ٻارن تي ڌيان ئي نه ڏنو آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ٻارڙا روزانو بُنيادن تي اسڪول وڃڻ لاءِ امام واهه مٿان ٺاهيل ڪاٺ جي موريءَ مان گذرندا آهن، اُن باوجود انتظاميا، سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن ڌيان ئي نه ڏنو آهي، ٻارڙا مجبوريءَ مان روزانو ڪاٺ جي موريءَ تان گذرن ٿا پر شايد انتظاميا ڪو واقعو ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي آهي.

پير پاڳارو، آغا سراج دراني ۽ فاروق ستار هڪ پيج تي اچي ويا

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *