Thursday , April 25 2024

”ادي فريال پنهنجي شفقت ڀريل هٿن سان پ پ ۾ شامل ڪيو،پارٽي ڇڏڻ وارا افواهه اجايا آهن“: ڄام مدد علي خان

”ادي فريال پنهنجي شفقت ڀريل هٿن سان پ پ ۾ شامل ڪيو،پارٽي ڇڏڻ وارا افواهه اجايا آهن“: ڄام مدد علي خان

پيلز پارٽي ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ ناهي،اختلافن  وارين ڳاليهن ۾ سچائي ناهي: خان محمد ڏاهري

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) جي آءِ  ٽي رپورٽ منظر تي اچڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي ۾ ڌڙا بندي ۽ فارورڊ بلاڪ ٺهڻ ۽ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ پاران ان بلاڪ جي حمايت حاصل هجڻ وارين خبرن کانپوءِ، پيپلزپارٽي پاران وضاحتون اچڻ جو سلسلو ته پهرين ڏينهن کان جاري هو. جڏهن انهن 22 ايم پي ايز جا نالا شامل ڪري سوشل ميڊيا تي اچڻ لڳا ته انهن ايم پي ايز به وضاحتون پيش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.

ان سلسلي ۾ ڄام ڪانڀو خان جي خاندان سان واسطو رکندڙ ڄام مدد علي چيو آهي ته، کيس ”ادي فريال پنهنجي شفقت ڀريل هٿن سان پ پ ۾ شامل ڪيو“، پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڄام مدد علي چيو آهي ته، سازشون ڪندڙن کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته بلاول ڀٽو زرداري سوڌو پارٽي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي. سندس قيادت ۾ ئي عوام جي خدمت جاري رکنداسين. هُو پيپلز پارٽي جي ڪارڪن جي حيثيت سان پارٽي ۽ عوام لاءِ ڪم ڪندو رهندو.

قاضي احمد مان چونڊيل پيپلز پارٽي جي ايم پي اي خان محمد ڏاهري چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي ڇڏڻ واريون ڳالهيون غلط آهن، آئون فارورڊ بلاڪ جو حصو ٿين وارين خبرن کي رد ڪريان ٿو ۽ پارٽي قيادت جي اعتماد سان عوام جي خدمت جاري رکنداسين. خان محمد ڏاهري جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جو حصو هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين، ڪنهن به مخالف جماعت سان سندن رابطا نه آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *