Thursday , March 28 2024

احتساب عدالت نواز شريف کي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي،جيل موڪلڻ جو حڪم

اسلام آباد(رپورٽر    سنڌسماءَچار) ايون فيلڊ ريفرنس ڪيس ۾ احتساب عدالت نواز شريف کي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. احتساب عدالت ايون فيلڊس ريفرنس جو فيصلو نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي غير موجودگي ۾ ٻڌايو. ايون فيلڊس ريفرنس جو فيصلو احتساب عدالت جي جج محمد بشيرٻڌايو. نواز شريف ۽ مريم نواز لنڊن ۾ موجود آهن، جنهن جيڪري احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿيا، نواز شريف ۽ مريم نواز ڪيس جو فيصلو پنهنجي ان ئي رهائشگاهه ۾ ويهي ٽي وي چئنلز تي خبرن جي ذريعي ٻڌو، جنهن رهائشگاهه/ايون فيلڊ فليٽس جو ڪيس احتساب عدالت ۾ هليو هو. نواز شريف جو نياڻو ۽ مريم نواز جو مڙس ڪئپٽن صفدر پاڪستان ۾ پنهنجي تڪ ۾ چونڊ ورڪ ۾ موجود هجڻ باوجود فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت ۾ پيش نه ٿيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *