Thursday , April 25 2024

احتساب عدالت مڪاني ادارن واري کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري خلاف ڪرپشن ريفرنس جو چالان منظور ڪري ورتو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) نيب پاران مڪاني ادارن جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ خلاف ڪرپشن جي سپليمينٽري ريفرنس جو چالان خلاف درخواست رد ڪندي چالان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. احتساب عدالت ڪراچي ۾ مڪاني کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ  خلاف غير قانوني اثاثا ٺاهڻ واري نيب جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت جوابدار جي سپليميٽري ريفرنس خلاف اعتراضن بابت درخواست کي رد ڪري نيب طرفان داخل ڪرايل ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منطور ڪري ورتو. عدالت ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 ڊسبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته جوابدار خلاف غير قانوني اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي ۽ سندس خلاف نيب .طرفان 33 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪرڻ جو ريفرنس پڻ داخل ڪرايل آهي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *