Thursday , April 25 2024

احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو

احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزارت، احتساب عدالت اسلام آباد جي جج ارشد ملڪ کي ڪم کان روڪي ڇڏيو آهي، هڪ نوٽيفڪيشن مطابق جج ارشد ملڪ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته، احتساب عدالت واريون پنهنجون ذميواريون فوري طوور ڇي قانون واري وزارت ۾ رپوٽ ڪري. هاءِ ڪورٽ جي خط کانپوءِ قانون واري وزارت جج ارشد ملڪ کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قانون ۽ انصاف جي وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ احتساب جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر پريس پريس ڪانفرنس ذريعي جج ارشد ملڪ کي هٽائڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اُن موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جو خط مليو، جج ارشد ملڪ جو حلفي بيان ۽ پريس رليز به اُن سان گڏ آهن. خط ۾ حلفي بيان ۽ پريس رليز جي بنياد تي جج ارشد ملڪ کي هٽائڻ جي سفارس ڪئي وئي آهي.

قانوي واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته قانون واري وزارت احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ کيس لا ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هُن چيو ته جج ارشد ملڪ جو چوڻ آهي ته کيس ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هُن بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي فيصلو ڪيو هو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته عدالتن تي دٻاءُ وجهڻ واري ڪوشش کي برداشت نه ڪيو ويندو، ارشد ملڪ دٻاءُ باوجود ميرٽ جي بنياد تي فيصلو ڏنو، نيب قانون پٽاندڙ ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ واري ڪوشش جي سزا الڳ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *