Wednesday , April 24 2024

احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، نيب جو موجوده قانون ناڪاره ٿي ويو آهي: رضا رباني

senate 1

سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني شفاف احتساب لاءِ نيشنل اڪائونٽبلٽي ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ڪميشن جي بورڊ ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي ميمبر طور شامل ڪيو وڃي، جنهن بعد ڪميشن ذريعي سياستدانن، بيوروڪريسي، ججن ۽ ملٽري بيوروڪريسي جو برابري جي بنياد تي احتساب ڪيو وڃي، قومي احتساب ڪميشن ٺاهڻ لاءِ عوام جي نالي هڪ کليل خط لکيو هو، جڏهن ته نيب جي قانون جو جائزو وٺندڙ پارلياماني ڪاميٽي کي به خط موڪليو آهي، ڪالهه هن ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو، شهيد محترمه بينظيرڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نيب جو قانون مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، نيب جي موجوده سيٽ اپ تحت ڪرپشن تي ڪنٽرول نه ٿو ڪري سگهجي، هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته نگران حڪومتن جو ڪم فقط ٽن مهينن لاءِ روزانو جي بزنس هلائڻ لاءِ هوندو آهي، عالمي ادارن سان معاهدا ڪرڻ انهن جو ڪم ناهي، ماضيءَ ۾ نگران حڪومتن عالمي ادارن سان معاهدا ڪري ايندڙ وقت جي حڪومتن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون، ان ڪري نگران حڪومتن جي حدن جو تعين ٿيڻ ضروري آهي، هن چيو ته پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ نيشنل سيڪيورٽي ۽ پرڏيهي پاليسي سميت اهم ملڪي فيصلا اي پي سي بدران پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته رجعت پسند قوتون ملڪ ۾ آئين تحت سول حڪمراني جي بالادستي نه ٿيون چاهين، ان ڪري عالمي سازش ذريعي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو، اهڙو ريفرنس ڪيتري وقت کان عدالت ۾ پيل آهي، تاريخ جي درستگيءَ لاءِ ان جو فيصلو ڪيو وڃي، هن چيو ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو پاڪستان کي جيڪو ايٽمي پروگرام ڏنو، اهو آمريڪا ۽ مغربي قوتن کي قبول نه هو، ڀٽو صاحب مسلمانن کي عالمي سطح تي گڏ ڪيو، لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس گهرائي عربن کي احساس ڏياريو ته تيل کي اقتصادي طور مسلمانن جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، هن چيو ته رجعت پسند ۽ سامراجي قوتن دنيا جي مشهور اڳواڻن جمال ناصر، سوئيڪارنو ۽ شهيد ڀٽو کي هڪ-هڪ ڪري ختم ڪرايو، جيئن انهن ملڪن ۾ عدم استحڪام پيدا ٿئي، هن چيو ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جا 4 اصول آئين جي بالادستي، طاقت جو سرچشمو عوام، سول حڪومت جي آئين تحت بالادستي ۽ حڪومت اندر شفافيت هجڻ هئا، ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين مختلف سياسي بيانن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته 2018ع کانپوءِ اهڙن سوالن جا جواب ڏيندس.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *