Saturday , April 20 2024

اتر وزيرستان ۾ افغانستان جي پاسي کان حملو، پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد

افغانستان مان دهشتگردن جو اتروزيرستان ۾ حملو پاڪستان آرمي جا 6 جوان شهيد،وزيراعظم،آرمي چيف ۽ ٻين پاران حملي جي مذمت، شهيدن کي سلام پيش

راولپنڊي (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) اُتر وزيرستان ۾ افغانستان جي پاسي کان دهشتگردن پاڪ فوج جي جوانن تي حملي ۾ 6 جوانن جام شهادت نوش ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جا جوان سرحدي علائقي ۾ گشت تي هئان مٿن حملو ڪيو ويو. دهشتگردن جي حملي شهيد ٿيلن ۾ حوالدار خالد، سپاهي بچل، سپاهي نويد، سپاهي علي رضا، سپاهي ايم بابر ۽ سپاهي احسن شامل آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، دهشتگردن افغانستان سرحدي علائقي گرديز مان ڪيو. وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا شهيد جوانن کي سلام ۽ خراج پيش ڪندي سندن وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو چيو آهي ته شهيدن جي قرباني ۽ سندن وارثن جي وطن سان محبت کي ڪڏنهن به وساري نه ٿو سگهجي، شهيدن جو خون رائيگان نه ويندو.

 ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور باجوا پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته، پاڪ فوج جي جوانن امن جي قيام لاءِ پنهنجي جانين جو نظرانو ڏئي ملڪ ۽ قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. هن چيو ته قبائلي علائقن ۾ مڪمل امن امان قائم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي سرحد کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

ذوالفقار مرزا جي پٽ حسنين مرزا، ملڪ رياض جي ناٺي کان ڏوڪڙ ورتا، ريفرنس داخل

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *