Friday , March 29 2024

ابراهيم حيدري ۾ ٻارڙي سان مبينا زيادتي جي الزام ۾ اسڪول جو چوڪيدار سوگهو، اسڪول تي حملو

ڪراچي(اصغر آزاد    سنڌ سماءَ چار)  ڪراچي جي ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ ٻارڙيءَ تي تشدد ڪندڙ جوابدار  چوڪيدار کي پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، ٻارڙيءَ جي والد جو چوڻ آهي ته جوابدار سندس نياڻي تي تشدد ڪيو جنهن خلاف اسڪول انتظاميا ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، واقعي جي اڳوڻي صدر آصف زرداري، وڏي  وزير ۽ گهرو وزير رپورٽ طلب ڪندي جوابدار خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. ابراهيم حيدري ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻيل ٻارڙي عماره جي وارثن ۽ رهواسين نجي اسڪول پهچي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ مبينا جوابدار چوڪيدار کي مارڪٽ ڪئي. پوليس اطلاع تي پهچي جوابدار چوڪيدار عيدو کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن کي ابراهيم حيدري ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي. ٻارڙيءَ جي والد ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن نجي اسڪول جي چوڪيدار عيدو سندس 5 ورهين جي ٻارڙي عماره سان بدسلوڪي ڪري کيس تشدد جو نشانو بڻايو هو، جنهن جي شڪايت ڪرڻ باوجود اسڪول انتظاميا جوابدار خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. اڳوڻي صدر آصف زرداري، وڏي  وزير ۽ گهرو وزير رپورٽ طلب ڪندي جوابدار خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

   پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ابراهيم حيدري ۾ شاگردياڻي سان زيادتي جي الزام هيٺ آيل اسڪول جي چوڪيدار کي کي ڳچي مان پڪڙي کيس ڀونڊا ڏيندا رهيو ۽ چنبا به هنيا. حليم عادل شيخ الزام هيٺ آيل شخص تي خبر ناهي تشدد ڪهڙي حيثيت ۾ ڪيو. جڏهن الزام هيٺ آيل اهو شخص/شڪي جوابدار پڪڙيو ويو، ان کانپوءِ حليم عادل شيخ پنهنجي ڪجهه ماڻهن سان اسڪول پهتو ۽ شڪي جوابدار کي ڳچي کان پڪڙيو. ان معاملي بابت صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چوي ٿو ته، معاملو زيادتي جو نه هو ۽ هڪ شخص معاملي کي اشو بڻائي پنهنجي سياست چمڪائي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *