Friday , March 29 2024

ابراهيم جويو سنڌ جي نوجوانن ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ جديد فلسفي کي متاعرف ڪرايو: ساڃاهه وند

ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز) ناليواري دانشور محمد ابراهيم جوئي جي لاڏاڻي تي ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ تقريب ڪوٺائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ساڃاهه وندن چيو آهي ته ابراهيم جوئي سنڌ ۾ فلسفي جو هڪ نئون لاڙو متعارف ڪرايو، جنهن کي صدين تائين ياد رکيو ويندو. ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ محمد ابراهيم جوئي کي سندس ادبي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪرڻ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ناليواري شاعر امداد حسيني، ليکڪه نورالهديٰ شاهه، فهميده حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي مقررن ابراهيم جويو کي ڀيٽا پيشن ڪندي چيو ته ابراهيم جوئي سنڌ ۾ فلسفي جو هڪ نئون لاڙو متعارف ڪرايو.هنن چيو ته ابراهيم جوئي جي ڪيل علمي ۽ ادبي پورهيي کي صدين تائين ياد رکيو ويندو. مقررن چيو ته ابراهيم جوئي پاران ادب ۾ ڏنل موتين کي محفوظ بڻائڻ لاءِ حڪومت کي قدم کڻڻ گهرجن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *