Thursday , March 28 2024

آپريشن ردالفساد دوران 180 دهشتگردن کي ماريو، 558 دهشتگردن سميت ٽي ٽي پي جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان به هٿيار ڦٽا ڪيا: ميجرجنرل آصف غفور

DG ISPR Asif Ghafoor 1

پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته ملڪ ۾ جاري آپريشن رد الفساد دوران 180 دهشتگردن کي ماريو ويو، تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان سميت  ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث 558  ڄڻن پاڻ کي قانون آڏو پيش ڪيو.

راولپنڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي  ڊي جي آءِ ايس پي آر آصف غفور  چيوته حيدرآباد واسي شاگردياڻي نورين لغاري کي 14 اپريل تي لاهور ۾ هڪ ڪارووائي دوران بازياب ڪرايو ويو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ملڪ ۾ جاري آپريشن رد الفساد دوران 15 وڏا آپريشن ڪيا ويا، جن ۾ 180 دهشتگردن کي ماريو ويو.

هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان سميت  ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث 558  ڄڻن پاڻ کي قانون آڏو پيش ڪيو.

ahsanullah ahsan 1

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته آپريشن دوران 4510شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو جن ۾  1859هڪ هزار 859 افغاني به شامل آهن، سنڌ ۾ 157 جوابدار گرفتار ڪيا ويا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن دوران ملڪ مان 6 لک 22هزار 691 مختلف قسمن جا هٿيار هٿ ڪيا ويا، فوجي عدالتن ۾ 274 ڪيسن جا فيصلا ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته ڀارت هلندڙ سال دوران ايل او سي تي سيزفائر جون  2سئو کان وڌيڪ ڀڃڪڙيون ڪيون.

ميجر جنرل آصف غفور  چيو ته آپريشن دوران ڊي جي خان ۾ آپريشن دوران 10 دهشتگرد ماريا ويا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آدمشماري دوران فوج پاڻ به ڊيٽا گڏ ڪري رهي آهي، فوج پاران  ڊيٽا گڏ ڪرڻ سان ملڪ ۾ غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين جو پتو پوندو.

ميجرجنرل آصف غفور چيو ته آپريشن رد الفساد ذريعي ملڪ مان فساد ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، ملڪ مان غير قانوني هٿيارن جو خاتمو ڪيو ويندو، سڀئي گڏجي ملڪ مان فساد جو خاتمو آڻينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *