Friday , March 29 2024

اسلام آباد: قطري شهزادي جو خط جعلي آهي، پاناما ليڪس ڪيس ۾ جيڪي ثبوت اچڻ گهرجن ها، اهي اڃا تائين ناهن آيا: عمران خان

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قطري شهزادي جو خط جعلي آهي، پاناما ليڪس ڪيس ۾ جيڪي ثبوت اچڻ گهرجن ها، اهي اڃا تائين ناهن آيا، پاناما جو معاملو اٿاريندڙ صحافي تصديق ڪئي آهي ته لنڊن فليٽس جـِي مالڪ مريم نواز آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن حڪمران سچا آهن ته بي بي سي جي رپورٽ کي عدالت ۾ چيلينج ڪن. هن چيو ته، عدالت ۾ ثبوتن بدران ٽيڪنيڪلٽيز جا ڍير لڳي ويا آهن، صحافين به ملڪيت مريم نواز جي ڄاڻائي آهي، جڏهن ته صحافي جي تصديق کانپوءِ قطري خط فراڊ ثابت ٿي وڃي ٿو. عمران خان چيو ته، آف شور ڪمپنين واري ٽرسٽ ڊيڊ به فراڊ ثابت ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن حڪمران ڌر سچي آهي ته بي بي سي جي رپورٽ چئلينج ڪن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *