Friday , March 29 2024

آمريڪا ۽ طالبان ۾ وري ڦڏو، طالبان به پڙ ڪڍي بيهي رهيا

18سالن جي جنگ ۾ سمجهي ڇڏيو آهي ته پنهنجو وطن ٻين حوالي نه ڪبو، ڳالهيون معطل ڪرڻ جو نقصان آمريڪا کي ٿيندو:افغاني طالبان

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغان امن ڳالهيون رولڙي جي ورچڙهي ويون آهن، امريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته طالبان ڳالهين دوران جنگ بندي تي عمل نه ٿا ڪن هاڻي ڳاهيون به نه ڪبيون، طالبان ٽرمپ کي چتاءُ ڏنو آهي ته ڳالهيون معطل ڪرڻ سان نقصان وري به آمريڪا جو ئي ٿيندو. امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغان امن لاءِ طالبان سان هلندڙ ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ٽرمپ پنهنجي هڪ ٽويٽ بيان ۾ چيو آهي ته، ڪابل ۾ طالبان جي ڪيل ڌماڪي ۾ هڪ امريڪي فوجي سميت 11 ڄڻا مارجي ويا، طالبان امن ڳالهين دوران ڪيل جنگبندي واري ٺاهه جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن، خبر ناهي ته طالبان اڃا ڪيترا ڏهاڪا جنگ ڪرڻ چاهين ٿا. ٽرمپ چيو آهي ته، افغان صدر ۽ اهم طالبان اڳواڻن جي ڪيمپ ڊيوڊ ۾ اڪيلائي ۾ هڪ ملاقات رٿيل هئي جيڪا هاڻي نه ٿيندي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي افغان طالبان رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ” اسان 18 سالن جي جنگ ۾ سمجهي ڇڏيو آهي ته پنهنجو وطن ڪنهن ٻئي جي حوالي نه ڪنداسين، ڳالهيون ختم ڪرڻ جو سڀ کان وڏو نقصان آمريڪا کي ئي ٿيندو“.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *