Wednesday , April 24 2024

آمريڪا ڊو مور جو مطالبو ناهي ڪيو، اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي

اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمو قريشي چيو آهي ته آمريڪا پاران ڪو به ڊومور جو مطالبو نه ڪيو ويو آهي، مائيڪ پومپيو سان ڳالهين دوران ڊومور بدران اڳتي وڌڻ واري جذبي جو ماحول هو، پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ وڇوٽيون ختم ٿي رهيون آهن، اسان حقيقت پسندي تي پنهنجو موقف بيان ڪيو. اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمو قريشي چيو آهي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ وڇوٽيون هيون، اسان آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات دوران پنهنجو حقيقت پسنداڻو موقف پيش ڪيو. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مون کي واشنگٽن دوري جي دعوت ڏني آهي، گڏيل قومن جي اجلاس ۾ ويندس ته پوءِ ساڻس ملاقات ڪندس، آمريڪا سان ڳالهين کي وڌايو ويندو، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڄميل برف پگهرجي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا پنهنجي پاليسين جو نئين سر جائزو ورتو آهي ۽ هو ان نتيجي تي پهتا آهن افغانستان جو حل سياسي ڳالهين سان آهي. وزيراعظم عمران خان ڳچ وقت کان چئي رهيو آهي ته افغانستان جو ڪو به فوجي حل نه آهي. هن چيو ته اسان مائيڪ پومپيو سان ملاقات دوران پاڪستان جو نقطه نظر بردباري، خودداري ۽ ذميواري سان پيش ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ اشارو مليو آهي ته آمريڪا افغان طالبان سان ڳالهين لاءِ ذهني طور تيار آهي، طالبان سان ڳالهين  ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتو سربراهي ڪندو.

شاهه محمود جو چوڻ هو ته، مون آمريڪي پرڏيهي وزير کي واضح ڪيو ته جيڪڏهن لاڳاپا اڳتي وڌائڻا آهن ته ان جي بنياد سچائي تي هئڻ گهرجي، اسان کي هڪٻئي کي ٻڌڻو پوندو. آمريڪا پنهنجي پاليسين جو نئين سر جائزو ورتو آهي ته اسان به پنهنجي پاليسين جو جائزو وٺنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ اسان آمريڪي خواهشن کي سمجهيو ۽ پنهنجا خدشا ۽ اميدون انهن آڏو پيش ڪيون. اسان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، منهنجو پهريون دورو افغانستان جو هوندو. هن چيو ته اڪثر تاثر ڏنو ويندو آهي ته آمريڪي اڳواڻ پهرين وزيراعظم هائوس ۽ پوءِ جي ايڇ ڪيو ملاقات لاءِ ويندا آهن پر اڄ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ به موجود هئا، سياسي ۽ عسڪري قيادت جي گڏ ويهڻ سان آمريڪين ڏانهن پيغام ويندو ته اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *