Friday , April 19 2024

آمريڪا پاڪستان کي مذهبي آزادي جي ڀڃڪڙين وارن ملڪ جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا پاڪستان خلاف مختلف محاذ کولي رهيو آهي، ان ئي ڪڙي تحت دنيا جي ملڪن ۾ مذهبي آزاديءَ جي ڀڃڪڙين واري  ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان جو نالو به شامل ڪيو ويو آهي. هڪ غير ملڪي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق آمريڪا پاڪستان کي مذهبي آزادي جي سنگين ڀڃڪڙي وارن ملڪن بابت خاص واچ لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. خابرو اداري جي خبر موجب آمريڪي جي پرڏيهي کاتي پاڪستان سميت 10 ملڪن کي مذهبي آزادي جي سنگين ڀڃڪڙي وارن ملڪن بابت خاص واچ لسٽ ۾ شامل ڪيو.ويو آهي. اهڙ ملڪن جي فهرست ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزارت اها لسٽ 22 ڊسمبر تي ٻيهر ٺاهي وئي جنهن ۾ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ان ۾ پاڪستان جو نالو به شامل ڪيوويو آهي. مذهبي آزادي جي ڀڃڪڙين ۾  شامل ٻين ملڪن ۾ پاڪستان کانسواءِ اتر ڪوريا، ايران، آرٽريا ،چين، برما، سوڊان، سعودي عرب، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان کي به شامل ڪيو ويو آهي .

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *