Friday , April 19 2024

آمريڪا سميت مختلف ملڪن جا سفير جلد تبديل ڪيا ويندا:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان سرڪار پاران برطانيا، آمريڪا ۽ سعودي عرب سميت مختلف ملڪن ۾ مقرر پنهنجا سفير تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.، علي جهانگير صديقي کي به واپس گهرايو ويندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سفيرن جي تبديلي ۾ ٿورو وقت لڳي ويندو. اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيوته برطانيا ۾ نفيس ذڪريا کي هائي ڪمشنر، آمريڪا ۾ ڊاڪٽر اسد مجيد  ۽ راجا علي اعجاز سعودي عرب ۾ نوان  سفير مقرر ڪيا پيا وڃن. شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪا مان علي جهانگير صديقي کي واپس گهرايو پيو وڃي،جڏهن ته قطر ۾ سيد احسن رضا شاهه کي سفير مقرر ڪيو ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته مراڪو ۾ حامد اصغر خان، سربيا ۾ شهريار اڪبرخان ۽ هوانا ۾ صاحبزاده احمد خان  نوان سفير مقرر ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته دبئي ۾ احمد امجد علي کي قونصل جنرل مقرر ڪيو پيو وڃي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته نون سفيرن ۽ نون هائي ڪمشنر جي مقرري جي عمل ۾ ڪجهه وقت لڳندو، نون نالن تي وزيراعظم عمران خان سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي ۽ اهم گادي وارن شهرن ۾ سياسي مقررين بدران ڪيريئر ڊپلوميٽس کي مقرر  ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل عرب امارتن جي وڏين ڪمپنين جا سي اي اوز به پاڪستان جي دوري تي پهتل آهن. هن ياد ڏياريو ته گڏيل عرب امارتن مان 16 لک پاڪستاني ساليانو 4 ارب 30 ڊالرن جو جوڳو پرڏيهي ناڻو ملڪ ۾ موڪليندا آهن. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته يو اي اي سان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ گهرون ٿا، جڏهن ته گڏيل عرب امارتن  به آئل ريفائنري قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ۽ ايل اين جي ٽرمينل به لڳائڻ چاهي ٿي.

ان کان اڳ مملڪتي وزير ۽ ابوظهبي نيشنل آئل ڪمپني جي سي اي او جي قيادت ۾ گڏيل عرب امارتن جي اعليٰ سطحي وفد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ گڏيل عرب امارتن جي مختلف  وڏين ڪمپنين جا سي اي اوز شامل هئا. گڏيل عرب امارتن جو وفد وزيراعظم جي خاص دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *