Friday , April 26 2024

آمريتن خلاف اٿندڙ آواز ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿي ويو

لاهور (سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور  جي اسپتال ۾ دل جي دوري سبب ساهه جو سڳو ٽٽن جي  نتيجي ۾ هميشه جي لاءِ وڇڙي ويل آمريت ۽ ڏاڍ خلاف مزاحمتي ڪردار عاصما جهانگير ڌرتي ماءَ جي هنج ۾ سمهي رهي. عاصما جهانگير جي قذافي اسٽيڊيم ۾ جنازي نماز اداڪئي وئي جنهن ۾ اعتزاز احسن، خورشيد قصوري، انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪارڪنن، وڪيلن ۽ شهرين سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي نماز حيدرفاروق مودودي پڙهائي.

جنازي نماز کان پوءِ عاصما جهانگير جو مڙهه ايمبولينس ذريعي بيديان روڊ تي قائم سندس ئي فارم هائوس پهچايو ويو، هزاري آلين اکين ۽ سوڳوار ماحول ۾ سندس مڙهه مٽي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران وزيراعظم کي ڪيل اپيل ڪنهن به ڪم نه اچي سگهي. جنهن ۾ هُن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي اپيل ڪئي هئي ته عاصما جهانگير جو مڙهه ۽ سندس آخري رسمون مڪمل سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو وڃي. وفاقي سرڪار مراد علي شاهه جي ان اپيل/تجويز تي ڪنهن به قسم جو غور ڪرڻ مناسب ئي نه سمجهيو. عاصما جهانگير 11 فيبروري تي صبح جو اوچتو بيمار ٿي پئي، جنهن کي لاهور جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندس طبي چڪاس ڪري سندس زندگي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر سندس ساهه جو سڳو ٽوٽي پيو ۽ لکين ماڻهن جي اکين سوڳ ۽ ڏک جا پاڇولا ڇڏي هي جهان ڇڏي وئي.

صحافين جي عالمي تنظيم پاران عاصما جهانگير کي شاندار ڀيٽا پيش

صحافين جي عالمي تنظيم ”رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز“ عاصما جهانگير کي شاندار لفظن ۾ خراج پيش ڪندي چيو آهي ته هن پنهنجي سڄي حياتي اظهار جي آزادي جي بچاءَ لاءِ وقف ڪئي. رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز طرفان جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته عاصما جهانگير سدائين جمهوريت جي بالادستي جي جنگ وڙهي، ڪيترائي ڀيرا مٿس حملا ٿيا، کيس مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون پر هوءَ سڀني رنڊڪن اڳيان بهادري سان بيٺي رهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عاصما جهانگير جو لاڏاڻو انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي واري مهم لاءِ وڏو نقصان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *