Saturday , April 20 2024

آغا سراج دراني ڪرپشن ڪيس: آمدني11 ڪروڙ، خرچ 40 ڪروڙ رپيا

ڪراچي: اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني کي عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي – سنڌسماءَچار فوٽو

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) ”آغا سراج دراني خلاف ڪرپشن الزامن جي جاچ دوران خبر پئي آهي ته آمدني 11 ڪروڙ رپيا ۽ خرچا 40 ڪروڙ رپيا ڪيا ويا، هڪ يونيورسٽي جي فيسز جي مد ۾ 24 ڪروڙ ادا ڪيا ويا“، اهو انڪشاف سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪرڻ ۽ سندس رمانڊ لاءِ درخواست دوران نيب عملدارن ڪيو آهي، احتساب عدالت آغا سراج کي وڌيڪ ٻن هفتن لاءِ جسماني رمانڊ تي نيب جي حوالي ڪيو آهي. نيب عملدارن ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ڪيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي درخواست ڪئي ته، آغا سراج دُراني جو وڌيڪ 15 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ ڏنو ولڃي، کائنس وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، جنهن تي آغا سراج جي وڪيل چيو ته، سُپريم ڪورٽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي حوالي سان ڪجهه گائيڊ لائينز ڏنيون آهن، جن ۾ چيو ويو آهي ته، جاچ جي شروعاتي مرحلن ۾ ڪنهن کي به گرفتار نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته آغا سراج جي گرفتاري واري وارنٽس ۾ کيس گرفتار ڪرڻ جا ڪارڻ به ناهن ٻڌايا ويا. وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نيب وارا ماڻهن کي ذليل ڪري رهيا آهن، ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر کي هٿ ڪڙيون لڳائي آفيس ۾ چڪر ڏياريو ويو. سندس اصيل کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

ڪراچي: آغا سراج دراني کي احتساب عدالت مان واپس نيون پيو وڃي – سنڌسماءَچار فوٽو

ان موقعي تي نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار آغا سراج دُراني جو ٽن ماڻهن سان ڳٺ جوڙ لڳي رهيو آهي، انهن باب ت جاچ ڪرڻي آهي، جاچ آفيسر چيو ته، جوابدار / آغا سراج جي آمدني 11 ڪروڙ رپيا ڏيکاريل آهي ۽ خرچ وري 40 ڪروڙ رُپيا ڪيا ويا آهن، ٻارن جي فيس جي مد ۾ 24 ڪروڙ رپين جي رقم انڊس ويلي کي فيس ڏني وئي، ان کاسواءِ ڪروڙين رپين جون خريد ڪيل ملڪيتون ان کانسواءِ آهن. ان موقعي تي اسپيڪر آغا سراج دُراني جي وڪيل چيو ته نوٽن جي ڍير واري تصوير نيب طرفان سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي آهي، اسپيڪر جي گهر تي چڙهائي واري وڊيو اسان کي مهيا ڪئي وڃي، اسان نيب خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سي سي ٽي وي فٽيجز اچي ويندا ته اسان ڏئي ڇڏينداسين. عدالت وڪيل کي چيو ته توهان ان حوالي سان لکت ۾ درخواست ڏيو. عدالت آغا سراج دُراني جي رمانڊ ۾ 12 اپريل تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اُن موقعي تي آغا سراج دُراني چيو ته گذريل ڀيري جيڪو رمانڊ ورتو ويو، اُن ۾ رڳو 10 منٽ مون کان جاچ ڪئي وئي آهي، هر هر ساڳيا سوال پڇڻ سٺو ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *