Friday , March 29 2024

آغا سراج دراني پاران سنڌ اسيمبلي جي ٽي ماهي رپورٽ بلاول ڀٽو زرداري کي ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر آغا سراج دراني اسيمبلي جي جي ڪارڪردگي، وزيرن ۽ ايم پي ايز بابت هر ٽئين مهيني رپورٽ بلاول ڀٽو زرداري کي پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، جمهوري نظام هلندو رهندو ۽ اهو وڌيڪ سگهارو ٿيندو، ايوان کي قاعدن ۽ قانون مطابق هلائيندس،هن چيو ته پ پ ايم پي ايز جي ٽه ماهي ڪارڪردگي جي رپورٽ پارٽي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري کي پيش ڪندس. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته هر دور ۾ مخالف ڌر مخالف ڌر هوندي آهي، اها جيئن اشوز کي ايوان ۾ کڻي ايندي حڪومتي ڌر ان مطابق ئي رد عمل ظاهر ڪندي آهي. اسيمبلي ميمبرن جي ڪارڪردگي جي رپورٽ انهن ليڊرن جي حوالي به ڪنداسين. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته ميمبرن جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ منهنجي ذميواري ۾ شامل آهي. گذريل اسيمبلي ۾ به ٽن سالن جي رپورٽ تيار ڪئي هئي،اڃان ٻن سالن جي رپورٽ رهيل آهي. هن چيو ته سمورن ميمبرن سان گڏجي ايوان کي هلائيندس ۽ عورتن جو سڀني کان وڌيڪ احترام ڪريان ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *