Saturday , April 20 2024

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ هڪ هفتي جي واڌ جو امڪان،سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيندا

آصف، بلاول، مراد علي شاهه، قائم علي شاهه ۽ سهيل انور سيال سميت ڪو به شخص سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيندو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۾ اڳوڻو صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، انور مجيد ۽ اي جي مجيد سميت ڪيس ٻيا جوابدار ڄاڻايل اڄ بئنڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته، آصف زرداري سميت جي آءِ ٽي رپورٽ شامل شخص اڄ سپريم ڪورٽ آڏو پيش نه ٿيندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عارضي ضمانت تي آزاد اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر، ساڳئي ڪيس ۾ گرفتار انور مجيد ۽ ٻين کي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي عارضي ضمانت ۾ هڪ هفتي جي واڌ ڪئي ويندي، قانوني ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته، بئنڪنگ ڪورٽ، جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي سپريم ڪورٽ ۾ اڄ ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ جاري ٿيندڙ هدايتن تائين ضمانتن وارين درخواستن تي شام دير تائين فيصلو محفوظ به ڪري سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته، آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، سيد مراد علي شاهه، قائم علي شاهه، سهيل انور سيال سميت پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل ڪو به شخص جنهن جو جي آءِ ٽي ۾ نالو آحي اهو سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيندو. سپريم ڪورٽ ۾ آصف ۽ فريال ٽالپر اڳ ۾ ئي لکت ۾ جواب داخل ڪرائي چڪا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ وفاقي حڪومت ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ بابت ڏنل هدايتن بابت رپورٽ به اڄ ئي عدالت ۾ پيش ڪندي ۽ ڪنهن جو به نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج نه ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت نظرثاني لاءِ سپريم ڪورٽ کان وقت گهرندي، جيڪو عدالت کين ڏئي سگهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *