Friday , March 29 2024

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جو نالو ”اسٽاپ لسٽ“ ۾ شامل، پرڏيهه وڃڻ تي پابندي، سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد ( رپورٽر    سنڌسماءَ چار) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري، سندس ڀيڻ اڳوڻي ايم اين اي فريال ٽالپر سميت 49 ماڻهن جا نالا ”اسٽاپ لسٽ“ ۾ شامل، پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لاڳو، سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ معاملي ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي پيش ٿي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،  عدالت پاران ڪيس جي آچر ڏينهن ڪيل شنوائي جو لکت ۾ حڪم جاري ڪيو ويو آهي. ساڳئي ڪيس ۾ ٽن بينڪس جي سربراهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ٿي چڪا آهن، آصف زرداري پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن جو سڀاڻي لاهور ۾ هنگامي اجلاس سڏائي ورتو، بلاول پاران به ڏکڻ پنجاب جو دورو مختصر ڪري لاهور پهچڻ جا امڪان. سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس بابت لکت ۾ حڪم جاري ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت سمورن بينيفشريز کي 12 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 سپريم ڪورٽ ۾ گذريل ڏينهن جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿئي هئي جنهن ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس مان فائدو حاصل ڪندڙن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. سپريم ڪورٽ پاران اڄ ڪيس جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت جعلي اڪائونٽس مان فائدو حاصل ڪندڙ ٻين جوابدارن کي 12 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو. سپريم ڪورٽ جي جاري ڪيل حڪم ۾ آءِ جي سنڌ کي سمورن جوابدارن جي پيشي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ٽن بينڪس جي سي اي اوز جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *