آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿيندا
Asghar Azad
July 10, 2018
سنڌ
993 Views
ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي فائدو حاصل ڪرڻ واري الزام جو جواب ڏيڻ لاءِ ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿيندا. ان سلسلي ۾ بلاول هائوس ڪراچي جي ذريعن سنڌ سماءَ چار کي ٻڌايو آهي ته، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ايف آءِ آڏو پيش نه ٿيندا. ذريعن ان ڳالهه جو امڪان ظاهر ڪيو آهي ته، آصف زرداري يا فريال ٽالپر ساڳئي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آڏو پيش ٿي سگهن ٿا. سنڌسماءِچار کي مليل معلومات مطابق ، آصف زرداري اڃا تائين اسلام آباد ۾ ڪنهن دوست وٽ ترسيل آهي. ۽ 12 جولاءِ تي سپريم ڪورٽ پيش ٿيڻ کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.
ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا