Thursday , April 25 2024

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جا بي اثر خطاب. ميڊيا ۽ ماڻهون مايوس _ مسلم ميراڻي

Muslimمسلم ميراڻي

گڙهي خدابخش ۾ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي 38 هين ورسي جي موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽينپارليامينٽيرين جي سربراهه  آصف علي زرداريءَ پي پي جي جيالن کي چيو ته ايندڙ اليڪشن پيپلز پارٽي کٽندي ۽ وزير اعظم پي پي پي جو هوندو. آصف علي زرداري جي خطاب ۾ چيو ته جڏهن هو پنجاب ۾ هيو ته ان وقت شينهن ۽ بيٽ کي پيٽ ۾ سور هيو مطلب ته ميان نوازشريف ۽ عمران خان کي وڏي تڪليف ٿي رهي هئي.

ياد رهي ته اهڙو اعلان پيپلز پارٽيءَ جو شريڪ چيئرمين لاهور م ڪري چڪو آهي ته پي پي ڪڏهن به اليڪشن هارائي نه آهي پر ان کي ڌانڌلي جي ذريعي هارايو ويو آهي۽ هن ايندڙ اليڪشن ۾ پي پي پي پهنجي ڀرپور تياريءَ سان آهي هن دفعي ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏيندي. ان حوالي سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  پي پي جون  پوري ملڪ ۾ جوڙ توڙ جون ڪوششون جاري آهن، پر جيڪڏهن ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته  پي پي به سنڌ  ۾ ڪجهه به ناهي ڪيو سواءِ  خالي نعرن جي. اها اميد آهي ته جلد ئي پي پي جي خلاف (ن) ليگ ۽ تحريڪ انصاف  جي جوابي فائرنگ شروع ٿي ويندي ۽ ذڪر ٿيندو سنڌ جي بدحاليءَ ۽ ماضيءَ جي پي پي جو وفاقي حڪومت جي ڪرپشن جي داستانن جو.

ورسي واري جلسي ۾ پيپلز پارٽيءَ چيئرمين بلاول ڀٽوجي خطاب کي ڏٺو وڃي ته ان به اهي ساگيون پراڻيون ڳالهيون ورجائيون  آهن ته نيشنل ايڪشن پلان مڪمل ناڪام ٿي ويو آهي ۽ نوازليگ جي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي ۽ قرضي تي ملڪ هلي رهيو آهي ۽ گڏو گڏ نوجوانن جو حوالي سان بلاول ڀٽو جي چوڻ هيو ته ان سان (ن) ليگ جي حڪومت،ظلم ۽ ويساگاتي ڪري رهي آهي.

بلاول ڀٽي زرداريءَ بجليءَ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جو ذميوار پڻ نواز ليگ جي حڪومت کي ٺهرايوآهي.  ورسيءَ ۾ ماڻهون ته گهڻا نظر آيا پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن  ماضيءَ واريون گرجدار تقريون ڪون ڪري سگهيا، جنهن جو ماڻهن ۽ ميڊيا کي انتظار هيو.

zardari & bilawal

جلسي ۾ اهي  ساڳيون ڳالهيون ڪيون ويون جيڪي گهڻي عرصي پيپلز پارٽي ڪري رهي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته اهي پانامه جي فيصلي جي انتظار ۾ آهن ۽ ايندڙ سال اليڪشن جو سال آهي. پر پيپلز پارٽيءَ پهنجو آئندا جو لاعمل، حڪمت عملي ڏيڻ ۾ ناڪام ويا ته اهو نواز ليگ جي ناڪام حڪومت جي خلاف ڪهڙا قدم کڻندا ته جيئن انهن جو احتساب ڪيو وڃي، اهو سوال سوال ئي رهجي ويو ۽ پي پي جو جلسو ختم ٿي ويو. پي پي جي چيئرمين ۽ شريڪ چيئرمين کي کپي هان ته اهي پهنجن خطابن ۾ نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومتن جي  ڪاڪردگي ۽ ڪرپشن جي حوالي سان  وائيٽ پيپر جاري ڪرڻ کپن هان پر اهي جاري نه ڪر سگهيا.

لڳي ائين ٿو ته آصف ۽ بلاول جي خطابن جو اثر گهڻا ڏينهن نه هلي سگهندو ۽ پيپلز پارٽيءَ کي هڪ نئي حڪمت علمي، نئي سوچ سان سان اڳتي وڌڻو پوندو جيڪڏهن نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف کي ايندڙ اليڪشن ۾مقابلو ڪرڻ چاهن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *