Saturday , April 20 2024

آصف زرداري پاران طبي بنيادن يا ٻئي ڪنهن به قسم جي ضمانت لاءِ عدالت سان رابطي کان انڪار

آصف زرداري پاران ڪنهن به قسم جي ضمانت لاءِ عدالت سان رابطي کان انڪار، نومبر جو پهريون هفتو انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي

ڪراچي( رپورٽ:اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) ڊاڪٽرز جي هدايت تي حڪومت پاران نجي طور علاج جي سهولتو ملي ٿي ته ٺيڪ جيڪڏهن نه ته آصف زرداري ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو نه ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، حتمي فيصلو ايندڙ هفتي ڪيو ويندو. اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ داخل اڳوڻي صدر آصف زرداري پاران نواز شريف وانگر طبي بنيادن تي ضمانت لاءِ عدالت  سان رابطو ڪرڻ / درخواست داخل ڪرڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، سندس پٽ ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڌيءُ آصفه، پارٽي اڳواڻن قمرالزمان ڪائرا، اڳوڻي سينيٽ چيئرمين نئير بخاري، چوڌري منظوري ۽ ٻين پاران ڪيترن ئي ڏينهن کان آصف زرداري کي ضمانت جي ددرخواست داخل ڪرائڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سنڌسماءَچار www.sindhsamaachar.com کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق گذريل ڪيترن ڏينهن کان اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ داخل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي طبيعت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، ٻين طبي مسئلن  سان گڏ سندس جسم ۾ ڪمزوري تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، هٿن ۾ ۽ ڄنگهن ۾ ڏڪڻي تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي.

اسلام آباد ۾ موجود پيپلز پارٽي جي هڪ سينئر اڳواڻ نانءُ ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو آهي ته، ” آصف زرداري جي طبيعت تمام گهڻي خراب آهي، هٿن ۾ ڏڪڻي وارو مسئلو وڌي ويو اٿس، آصف زرداري جي ڪرنگي جي هڏي ۾ سُور واري عارضي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ کيس اٿڻ ويهڻ ۽ خاص طور تي سمهڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي آهي“ سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب پيپلز پارٽي  جي چيئرمين بلاوال ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري کانسواءِ پيپلز پارٽي جي سينئر ۽ آصف جي دوست سمجهيو ويندڙ قمر الزمان ڪائرا، شيري رحمان، نئير بخاري، فرحت الله بابر، چوڌري منظور، پي ٽي آءِ ۾ ش۾وليت اختيار ڪندڙ آصف زرداري جي هڪ پراڻي دوست سميت مختلف ماڻهن اڳوڻي صدر کي ان ڳالهه تي راضي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هُو طبي بنيادن تي علاج ڪرائڻ لاءِ ضمانت واري درخواست داخل ڪرڻ / ڪرائڻ جي اجازت ڏئي پر هن ان کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جو ان سلسلي ۾ هڪڙو ئي جواب آهي ته، جيڪڏهن ڊاڪٽرز جي رپورٽس جي بنياد تي حڪومت يا احتساب عدالت پرائيويٽ طور پنهنجي مرضي سان علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏني ته پوءِ هُو خانگي طور علاج ڪرائيندو، ٻي صورت ۾ هُو پمز اسپتال ۾ حڪومتي خرچ تي ئي علاج ڪرائيندو ۽ ان صورت ۾ ڪنهن به نقصان کي برداشت ڪري ويندو، جنهن لاءِ ذهني طور تي تيار آهيان. ذريعن جو چوڻ آهي ته، پارٽي ۽ خانداني فرد آصف زرداري کي ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ جي ڪوششن کي ڇڏيو ناهي، سندن ڪوششون جاري آهي، جيڪڏهن آصف زرداري سندن چوڻ ورتو تهن به نومبر مهيني جي شروع يا پوءِ ٻئي هفتي کانپوءِ سندس وڪيلن پاران عدالت سان رابطو ڪيو ويندو، ۽ ان جي شروعاتي درخواست احتساب عدالت کي ئي ڪئي ويندي. اهڙي درخواست سندس وڪيل يا وري بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه عدالت کي آصف زرداري جي عدالت ۾ پيشي دوران سندس طبيعت بابت عدالت کي آگاهي ڏيندا ۽ خانگي طور علاج ڪرائڻ يا ضمانت جي درخواست ڏيندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *