Thursday , March 28 2024

آصف زرداري سنڌ ۾ ڊان بڻجي ويو آھي: عارف مصطفيٰ جتوئي

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير عارف مصطفي ٰجتوئي چيو اڳوڻي صدر آصف زرداري کي ڊان سڏڻ تي پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز ايوان ۾ لُڙ شروع ڪري ڏنو، جنهن تي عارف جتوئي چيو ته هُو منجهي پيو آهي ته پ پ وارن جو ليڊر ڪير آهي، جنهن جي ڳالهه ڪر ته اوهان چڙي ٿا وڃو. پنهنجي تقرير دوران جڏهن عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته، آصف زرداري سنڌ جو ڊان بڻجي ويو آهي. سندس اهڙي موقف تي پ پ ميمبرن سخت احتجاج ڪيو. عارف جتوئي چيو ته اسان کي ته خبرئي نه ٿي پوي ته پيپلز پارٽي جو سربراهه ڪير آهي. آصف زرداري بابت ڳالهائڻ ڄڻ منع ٿيل آھي. تعليم جي بجيٽ 15 ڪروڙ رکي وئي آهي پر وڏي وزير جي هيليڪاپٽر لاءِ 6 ڪروڙ رکيا ويا آهن. سندس تقرير دوران پ پ پ ايم پي ايز لُڙ ڪندا رهيا. هن اسپيڪر سراج دراني ۽ عارف جتوئي ۾ تيز جملن جي ڏي وٺ به ٿي، جنهن تي هن پنهنجي تقرير اڌ ڇڏي ڏني ۽ خاموش ٿي ويهي رهيو.

پاڻي کوٽ بابت راڳ نسورو ڪوڙ تي ٻڌل آهي

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *