Friday , March 29 2024

آصف زرداري رضا رباني کي ٻيهر سينيٽ چيئرمين چونڊرائڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) نواز شريف پاران سينيٽ جي نئين چيئرمين لاءِ ميان رضا رباني کي نامزد ڪرڻ جي صورت ۾ پ پ کي حمايت جي آڇ ڪرڻ واري بيان تي آصف زرداري کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري رضا رباني واري سوال تي جواب ڏيندي چيو ته، “ هُو اهو چاهي ٿو پر مان هرگز نه ٿو چاهيان، ٿئنڪ يو ويري مچ”.

آصف زرداري پ پ جي وفد سان گڏ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته مان رضا رباني کي ٻيهر سينيٽ چيئرمين نامزد ڪرڻ نه ٿو چاهيان، مولانا فضل الرحمان آڏو پنهنجو مطالبو رکيو آهي، فضل الرحمان اتحادين سان مشاورت لاءِ وقت گهريو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نوازشريف ۽ آصف زرداري پاران ڌار ڌار تجويزون آيون آهن، اتحادين سان مشاورت ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *