Friday , April 19 2024

آصف زرداري خلاف سوئيز ڪيسز نه ٿا کولي سگهجن؛ پر عدالت جي حڪم تي عمل ڪنداسين: نيب اختياريون

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) نيب اختيارين سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته، سوئز ڪيسز ۾ آصف زرداري خلاف مقرر وقت دوران اپيل داخل نه ڪرائڻ سبب سندس خلاف ڪيس ٻيهر نٿا کولي سگهجن، اين آر او  ڪيس ۾ بابت سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ نيب چيو آهي ته، آصف زرداري خلاف ڪيسز احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، جن جي وڏي عرصي کان ٻڌڻي ناهي ٿي، ملڪ قيوم خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال جا الزام ثابت نه ٿي سگهيا، اين آر او قانون سبب ٿيندڙ نقصانن جو تعين نه ٿا ڪري سگهون. قومي احتساب بيورو اين آر او نقصان ازالي واري ڪيس ۾ پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، نيب موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف سوئس ڪيسز ٻيهر نٿا کلي سگهن. نيب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته اين آر او جي قانون جي ڪري جيڪو نقصان ٿيو آهي انهي جا تفصيل نيب وٽ موجود نه آهن.

نيب پنهنجي جواب ۾ چيو ته آصف علي زرداري جي خلاف سوئز ڪيس ٻيهر نه ٿا کلي سگهن. نيب جي جواب موجب حڪومت قانوني مدت اندر آصف علي زرداري خلاف ڪيس کولرائڻ لاءِ اپيل داخل نه ڪئي هئي، حڪومت پاران جڏهن اپيل داخل ڪئي وئي ته انهي اپيل جو مدو گذري چڪو هو. نيب جواب ۾ چيو ويو آهي ته آصف علي زرداري خلاف نيب عدالتن ۾ ڪيس رولڙي جو شڪار آهن. نيب موجب اڳوڻي اٽارني جنرل ملڪ قيوم خلاف نيب انڪوائري شروع ڪئي هئي پر مٿس اختيارن جي ناجائز استعمال وارو الزام ثابت نه ٿيو هو جنهن ڪري اها انڪوائري 2012ع ۾ بند ڪئي وئي. نيب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ چيو ته اين آر او قانون جاري ٿيڻ بابت ان جي نقصان جا تفصيل موجود نه آهن، اين آر او سان نقصان جي تعين بعد عدالت جيڪو به حڪم ڏيندي ان تي عمل ڪيو ويندو.  واضع رهي ته سپريم ڪورٽ اين آر او سبب قومي ناڻي کي پهتل نقصان جي ازالي لاءِ ڏنل درخواست تي نيب کي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *