Friday , April 19 2024

آصف زرداري جي گرفتاري- صورتحال جنوري جي ٻئي هفتي کانپوءِ چٽي ٿيندي ويندي

ٻن اڳوڻن ۽ ٻن موجوده وزيرن، ٻن سيڪريٽريز ۽ ٻن ايڊيشنل سيڪريٽري جا به ڏکيا ڏينهن شروع ٿيڻ وارا آهن:ذريعا

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) ملڪي سياست تي سڌو سئون اثرانداز ٿيندڙ ٻن وڏين سياسي پارٽين نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي سربراهن جي ڪيسن بابت اڄ اهم فيصلا اچڻا آهن، جن مان نواز شريف العزيزيه اسٽيل ملاز ۽ فليگ شپ ڪرپشن ڪيسن جا فيصلا ٻڌايا ويندا. ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ جي جاچ لاءِ جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جي رپورٽ اڄ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ پيش ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ڪٿي هوندو ان جو فيصلو جنوري جي ٻئي هفتي کانپوءِ ئي ٿيندو، احتساب عدالت اسلام آباد جي فيصلي سان خبر پوندي ته اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف 25 هين ڊسمبر تي پنهنجي سالگرهه جيل ۾ ملهائيندو يا وري پنهنجي رهائشگاهه جاتي امراءَ ۾. سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندڙ جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر سميت سندن ويجهن ساٿين بابت رپورٽ جي آڌار تي ڪهڙو فيصلو ٿئي ٿو؟ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندڙ اڄوڪي رپورٽ کانپوءِ عدالت جون هدايتون، جي آءِ ٽي جون تجويزون ۽ نتيجا اهو واضح ڪري ڇڏيندا ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه ڪٿي ۽ ڪيئن ملهائيندو.

ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته، آصف علي زرداري ڀلي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي سالگرهه ڀلي بلاول هائوس ڪراچي يا نئونديرو هائوس ۾ ملهائي پر سندس جي ڏکين ڏينهن ۾ وڌيڪ تڪليفون نظر اچي رهيو آهن، جيل ويندو يا نه ان جو فيصلو جنوري جي ٻئي هفتي کانپوءِ صورتحال واضح ٿي ويندي. سنڌسماءَچار کي مليل سُڌ مطابق، ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ۾ ڪجهه ٻين ماڻهن جي گرفتاري جو امڪان آهي ۽ جنوري جي پهرين هفتي ۾ اهم گرفتاريون ٿيڻ جو امڪان آهي، في الحال فريال ٽالپر جي گرفتاري جا آثار نظر نه ٿا اچن، ان جي نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ حاضريون وڌي وينديون ۽ ڪجهه نوان ڪيس به سامهون ايندا. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ جي بنياد تي سنڌ حڪومت ۾ اهم کاتن جي بااختيار سيڪريٽري رهندڙ سيڪريٽري، ٻن ايڊيشنل سيڪريٽريز چئن وزيرن جن ۾ ٻه اڳوڻا وزير به شامل آهن خلاف به جاچ شروع ٿيڻ جو امڪان، ممڪن آهي ته انهن خلاف سڌو سئون نيب جاچ شريوع ڪري پر ان جو بنياد جي آءِ ٽي جي رپورٽ ئي هوندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *