Friday , April 19 2024

آصف زرداري جي ويجهن دوستن غلام قادر مري سميت 5 ڄڻن کي ڇڏائي ورتو- اغوا ڪيل ماڻهن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد سان بازياب ڪرايو: ايس ايس پي

mari and others

اينٽي وائلينٽ ڪرائيڍم سيل بلوچستان جي مند واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ڪجھ هفتا اڳ مبينا طور تي اغوا ڪيل، آصف زرداري جي ويجهي ۽ انتهائي اعتماد جوڳي ساٿي غلام قادر مري سميت 5 ڄڻن کي آزاد ڪرائي ورتو آهي.

ايس ايس پي طارق ڌاريجو جو چوڻ آهي ته پوليس قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد سان هڪ ڳجهي اطلاع تي غلام قادر مري ۽ اشفاق لغاري سميت 5 ڄڻن کي بازياب ڪرايو آهي. سندس چوڻ آهي ته ڪارروائي حساس ادارن جي مدد سان ڪئي وئي، اغوا ڪندڙن پاران ڀنگ طلب ڪرڻ

واري فون بعد ان ڪال کي ٽريس ڪيو ويو. فون ڪندڙ جي موجودگي مند واري علائقي ۾ ٽريس ٿي.

اينٽي وائلينٽ ڪرائيم سيل جي ايس ايس پي طارق ڌاريجو موجب حساس ادارن جي مدد سان تربت جي مند واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري غلام قادر مري، اشفاق لغاري، ٻن ڊرائيورن ۽ هڪ گن مين کي اغواڪارن جي چنبي مان ڇڏايو ويو آهي. پوليس غلام قادر مري سميت آزاد ڪرايل پنجن ئي ڄڻن کي تربت منتقل ڪرڻ بعد کين ڪراچي آندو ويو آهي.

آصف زرداري جي ويجهي ساٿي غلام قادر مري  کي هڪ مهينو اڳ ڄامشورو ويجهو ٽن ساٿين ۽ اشفاق لغاري کي  ڪراچي مان اغوا ڪيو ويو هو. آصف زرداري جي ساٿين جي بازيابي لاءِ پ پ پاران پارليامينٽ سميت هر فورم تي احتجاج ڪيو، جڏهن ته آصف جي هڪ ساٿي نواب لغاري جو اڃا تائين ڪوبه پتو نه پيو آهي.

پراسرا نموني سان مبينا اغواڪارن هٿان ڇڏايل غلام قادر مري ۽ ٻيا اڃان تائين ميڊيا يا پوليس جي سامهون اچي ڪو به بيان رڪارڊ ناهي ڪرايو. غلام قادر مري ۽ ٻين جي آزادي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته سندن اغوا جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *