Friday , March 29 2024

آصف زرداري جي طبيعت نواز شريف کان وڌيڪ خراب هجڻ جو انڪشاف

آصف زرداري جي طبيعت نواز شريف کان وڌيڪ خراب هجڻ جو انڪشاف، آصف زرداري علاج لاءِ ضمانت جي درخواست ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو، راضي ڪرڻ جون ڪوششون

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طبيعت ميان نواز شريف کان وڌيڪ خراب هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، بلاول ۽ پارٽي اڳواڻن جي چوڻ باوجود ضمانت جي درخواست نه ڏيڻ جي ضد تي به قائم. اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي طبيعت انتهائي خراب ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي طبيعت به ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي نوازشريف کان به وڌيڪ خراب آهي، پر هُو ظاهر نه ڪري رهيو آهي. نيب جي نگراني هيٺ پمرز اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل آصف زرداري جون مختلف تيسٽ ڪيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ پمز اسپتال جي ذريعن کان معلوم ٿيو آآهي ته آصف زرداري جي رت جا جزا به گهٽجڻ شروع ٿي ويا آهن، جيڪي خميس ڏينهن رات جو ڪيل ٽيسٽن مطابق 95 هزار آيا هئا اهي جمعي جي رات جو دير سان  88 هزارن کان گهٽجي ويا آهن، اسپتال ذريعن جي دعويٰ آهي ته آصف زرداري جي ڪرنگي جي هڏي واري سُر جي نتيجي ۾ سندس پُٺن، ۽ سَنڌن ۾ سور وڌڻ شسروع ٿي ويو آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پمز اسپتال جي ذريعن موجب آصف زرداري جو بلڊ پريشر ۽ شگر به ضابطي ۾ ناهي، کيس اٿڻ ويهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ تمام گهڻي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، ڊاڪٽرز مسلسل سندس نگراني ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽرن پاران آصف زرداري جو بلڊ پريشر ۽ شگر ليول ڪنٽرول ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پمز اسپتال جي ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻن پاران آصف زرداري کي علاج لاءِ ضمانت جي درخواست داخل ڪرڻ جو چيو جنهن کان هن انڪار ڪري ڇڏيو آحي. امڪان آحي ته اڄ ڇنڇر تي رات جو دير سان يا وري آچر ڏينهن شام جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ۽ ٻيا آصف زرداري سان ملاقات ڪري کيس ضمانت جي درخواست داخل ڪرائڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

محدود وسيلن باوجود سنڌسماءَچار هميشه جيان وري به گوءِ کٽي ورتي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *