Friday , March 29 2024

جعلي اڪائونٽس ڪيس: آصف زرداري جو دوست ۽ سنڌ بئنڪ جو صدر طارق احسن، اڳُوڻو سِي اِي او بلال شيخ سيد نديم عباس گرفتارگرفتار

ڪراچي( رپورٽر: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) نيب سنڌ بئنڪ جي صدر طارق احسن، اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ صدر بلال شيخ، موجوده ايگزيڪيوٽو وائيس پريذيڊنٽ سيد نديم عباس کي گرفتار ڪري ورتو آهي، بلال شيخ سنڌ بئنڪ جو سابق سي اي او ۽ صدر هجڻ سان گڏ اڳوڻي صدر آصف زرداري جو ويجهو دوست پڻ آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد بلال شيخ کي نيب لاهور جي ٽيم ڪراچي مان گرفتار ڪيو آهي. محمد بلال شيخ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهي دوست ۽ ڪاروباري شخصيت وٽ ترسيل هو، جتان کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب جي پڌرائي موجب سنڌ بئنڪ جي صدر طارق احسن ۽ اِ وي پي سيد نديم عباس کي به ڪراچي مان گرفرتار ڪيو ويو آهي، نيب جي پڌرائي موجب طارق احسن، محمد بلال شيخ ۽ سيد نديم عباس کي خميس ڏينهن ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ حاصل ڪيو ويندو. بلال شيخ سميت گرفتار ڪيل ٽنهي جوابدارن تي مشهور جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جو شريڪ جوابدار آهي، مٿس اربين رپين جي ڪرپشن ۽ جعلي اڪائونٽس ذريعي رقمن جي منتقلي ۾ ملوث آهي. بلال شيخ سنڌ حڪومت جي ملڪيت سنڌ بئنڪ جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر رهي چڪو آهي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، طارفق احسن، نديم عباس ۽ بئنڪ جو اڳوڻو سي اي او ۽ صدر بلال شيخ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سان ملي ڀڳت ڪري اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار ڪندڙ ڪجهه ڪاروباري گروپن سان ٻِٽُ بڻجي سنڌ بئنڪ جا شيئرز خريد ڪري سمٽ بئنڪ جي خريداري جو منصوبو به جوڙيو هو. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته سنڏڌ جي وڏي وزير ۽ ناڻي وارو قلمدان رکندڙ سيد مراد علي شاهه، ايم پي اي فريال ٽالپر پاران ڪيترن ئي ماڻهن کي سمٽ بئنڪ ۾ ڀرتي ڪرايو هو، سمٽ بئنڪ جي خريداري بعد انهن ماڻهن کي وڏا مالي فائدا ڏئي يا ته فارغ ڪيو وڃي ها يا وري وڏين پگهارن ۽ مراعتن سان سنڌ بئنڪ ۾ ئي رکيو وڃي ها پر سپريم ڪورٽ جي حڪجمن بعد سنڌ بئنڪ پاران سمٽ بئنڪ جي خريداري / ضم ٿيڻ وارو منصوبو ختم ڪيو ويو هو. بعد ۾ سنڌ بئنڪ جي ملڪيت ٿيڻ و الزام آهي ته  ڏينهن احتساتب عدالت ۾ پيش ڪري ۾ آصف زرداري جي هڪ ويجهي دوست  گرفتار ڪري ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *