Friday , March 29 2024

آصف زرداري، عذرا پيچوهو ۽ فريال ٽالپر جي لاڏي وي سي ارشد سليم نياڻين لاءِ رڻ ٻاري ڏنو

سڪرنڊ ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جو وي سي ارشد سليم آرائي  ۽ انگريزي شعبي جي استاد عامر خٽڪ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ نياڻين کي جنسي حراسان ڪرڻ کان منع ڪرڻ تي سندس والد کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرائي ڇڏيو، نياڻي جي واهر نه ٿي، متاثر نياڻي جو چوڻ آهي ته وي سي ۽ استاد 6 مهينن کان جنسي حراسان ڪري رهيا آهن، شڪايتن جو ڪير به ازالو ڪرڻ وارو ناهي. شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب نواب شاهه ۾ قائم يونيورسٽي ۾ نياڻين کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نوابشاهه پريس ڪلب ۾ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي فرزانه جمالي پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيون آهي ته يونيورسٽي جي وي سي ۽ انگريزي شعبي جي استاد سندس جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.

متاثر شاگردياڻي فرزانا جمالي

هن چيو ته پنهنجي ڳوٺ جي پهرين واحد ڇوڪري آهيان، جنهن برادري جي شديد مخالفت جي باوجود يونيورسٽي ۾ ريگيولر تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ بي ايس اي جي ان ڪيمرا جي امتحان ۾ فرسٽ پوزيشن ۽ ايم اي انگلش ۾ سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪئي آهي، پر  يونيورسٽي جي انگريزي شعبي ۾ ميان والي پنجاب جو استاد يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ سنڌي نياڻين کي جنسي طور هراسان ڪرڻ ساڻس ناجائز لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ بليڪ ميلنگ ڪري رهيو آهي، يونيورسٽي جو وي سي به سندس سرپرستي ڪري رهيو آهي. فرزانا جمالي جو چوڻ آهي ته، استاد عامر خٽڪ گذريل ڇهن مهينن کان جنسي طور حراسان ڪري رهيو آهي. منهنجو والد جڏهن اهڙي شڪايت کڻي وي سي وٽ ويو ته وائيس چانسلر انهي حساس مسئلي جو تدارڪ ڪرڻ بدران وي سي منهنجي بابا کي منهنجي لاءِ چيو ته مان ساڻس اڪيلائي ۾ ملان ته مسئلو حل ٿي ويندو. هن چيو ته شام جو يونيورسٽي انتظاميه منهنجي والد اعجاز علي جمالي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪلي ڇڏيو آهي. هن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعظم عمران خان، سنڌ جي گورنر وزير آعليٰ ۽ سول سوسائٽي کان مطالبو ڪيو ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ سنڌي نياڻين کي جنسي هراسان ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ليڪچرار ۽ وي سي کي عهدي تان هٽائي، والد خلاف داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *