Saturday , April 20 2024

آرٽيڪل 62-ايف ون منجهيل آهي،وضاحت اسان لاءِ امتحان آهي:چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد(خاص نمائندو     سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، آئين جي آرٽيڪل 62-ايف ون ايف تحت نااهلي وارو معاملو انتهائي منڌل/خاموش آهي؛ جنهن جي وضاحت ڪرڻ عدالت لاءِ انتهائي ڏکيو ضرور آهي پر ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي پهچي وينداسين. سپريم ڪورٽ ۾ آئين جي آرٽيڪل 62-ايف ون ايف بابت 13 درخواستن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيوته، اسان اهو مڃيون ٿا ته آرٽيڪل 62 ون ايف منجهيل آهي ۽ ان آرٽيڪل جي وضاحت ڪرڻ ڏکيو عمل/ٽاسڪ هوندو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ، جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل 5 رڪني لارجر بئنچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. اڄ ٻڌڻي جي شروعات ۾ راءِ حسن نواز جي وڪيل عاصمه جهانگير دليل ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. چيف جسٽس پڇيو ته ”جيڪڏهن 62 ايف تحت عدالت ڪنهن کي غير ايماندار قرار ڏئي ٿي ته نااهلي جو مدو ڪيترو هوندو.“ جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته ”هڪ اهڙو ماڻهو آيو هو جنهن عدالت ۾ اعتراف ڪيو هو ته سندس ڊگري جعلي آهي، ان همراهه استعيفيٰ ڏئي ٻيهر اليڪشن وڙهي ۽ ننڍي چونڊ ۾ کيس اڳ کان وڌيڪ ووٽ مليا.“ چيف جسٽس چيو ته ”غير ايماندار ڊڪليئرڊ ماڻهو جي نااهلي جو مدو ڇا ٿيندو.“ جسٽس عظمت سعيد شيخ رمارڪس ڏنا ته ”نااهلي جو مدو ڊڪليئريشن برقرار رهڻ تائين موجود رهندو.“

عاصمه جهانگير دليل ڏيندي چيو ته ”آرٽيڪل 62 ون ايف تحت وڌ کان وڌ مدو پنج سال هئڻ گهرجي.“ جسٽس عظمت سعيد پڇيو ته ”ارڙهين ترميم ۾ آرٽيڪل 62 ون ايف جو مدو ڇو نه لکيو ويو آهي.“ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ”اسان جي نظر ۾ آرٽيڪل 62 ۽ 63 آزاد ۽ الڳ الڳ آهن، جيستائين ڊڪليئريشن موجود رهندي ته نااهلي موجود رهندي.” راءِ حسن نواز جي وڪيل عاصمه جهانگير دليل ڏيندي چيو ته ”آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ مونجهارو آهي، واضح ناهي ته ڊڪليئريشن ڪهڙي عدالت ڏيندي.“ عاصمه جهانگير وڌيڪ چيو ته ”پارليامينٽ اڃا تائين آزاد ناهي، 1985ع تائين ڪنهن ميمبر جي نااهلي لاءِ عدالتي فيصلو ضروري نه هو.“

هن چيو ته ”سندس اصيل راءِ حسن نواز کي ڪمپني ۾ اثاثا نه ٻڌائڻ تي نااهل ڪيو ويو جڏهن ته ڪمپني جو اثاثو وڪرو ٿي چڪو هو ۽ ڪمپني سندس نالي به نه هئي.“ سندس چوڻ هو ته ”جيڪو ڪم پارليامينٽ نه ڪيو اهو عدالت ڪيئن ٿي ڪري سگهي، سياسي معاملن تي فيصلي سازي پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي.“ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ”اهو تاثر درست ناهي ته پارليامينٽ آزاد ناهي.“ هن چيو ته ”فرض ڪريو ته آرٽيڪل 62 منجهيل آهي، عدالت ڪنهن منجهيل آرٽيڪل کي رد ڪيئن ٿي ڪري سگهي.“ چيف جسٽس پڇيو ته ”ڪنهن به مبهم آرٽيڪل جي تشريح ڪرڻ جو طريقيڪار ڪهڙو هوندو؟“ جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ”عدالت ايمانداري جو تعين ڪري سگهي ٿي، بي ايمان ماڻهو ڪجهه عرصي بعد ايماندار ڪيئن ٿي ويندو.“ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ”آرٽيڪل 62 ون ايف منجهيل آهي، اعتراف ڪريون ٿا ته ان آرٽيڪل جي تشريح ڪرڻ مشڪل ٽاسڪ هوندو.“ هن چيو ته ”ممڪن آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ۽ وڌ ۾ وڌ مدي جو فيصلو ڪري سگهون، وري ان صورت ۾ ڪيس ٽو ڪيس فيصلو ڪيو وڃي.“ سندس چوڻ هو ته ”هي ادارو قائم ۽ دائم رهندو، اداري ۾ تمام گهڻا ڏاها ماڻهو ايندا.“ ٻڌڻي بعد سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو ته ”هاڻي هن ڪيس ۾ وڌيڪ ڪنهن کي نه ٻڌنداسين، سومر تي اٽارني جنرل دليل ڏي.“ جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 12 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *