Saturday , April 20 2024

آرمي چيف فوجي عدالتن مان 13 دهشتگردن کي مليل ڦاهي جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي( سنڌسماءَاچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، 13 دهشتگردن کي مليل ڦاهي واري سزا جي منظوري/توثيق ڏئي ڇڏي آهي، آءِ ايس پي آر موجب سمورن دهشتگردن کي فوجي عدالتن سزائون ڏنيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر، ميجر جنرل آصف غفور باجوا پاران جاري ڪيل بيان چيو ويو آهي ته، تعليمي ادارن، پاڪ فوج، سڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن ۽ عام شهرين تي دهشتگرد حملن ڪرڻ وارن ڏوهن ۾ گرفتار ڪيل 13 دهشتگردن تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايا ويا، جتي مٿن ڏپهه ثابت ٿيڻ بعد عدالتن 13 خطرناڪ دهشتگردن کي ڦهي جي سزا ٻڌائي هئي. فوجي عدالتن پاران آيل سزائن جي جي آرمي چيف به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آءِ ايس پي آر موجب سزا مليل دهشتٿگرد مجموعي طور تي 202 ماڻهن جي قتل ۾ ملوث هئا، جيڪي مختلف وقتن ۽ مختلف هنڌن تي دهشتگردن حملا ڪري ماريا ويا هئا، حملن ۾ 249 ماڻهو زخمي به ٿيا هئا. مارجي ويل ويل 202 ماڻهن مان 51 سيڪيورٽي اهلڪار هئا. سزا مليل دهشتگردن ۾ حافظ عبدالله، بخت الله خان، شاهه خان، محمد سهيل، خان، دائود شاهه، محمد منير، حبيب الله، محمد آصف، گل شاهه، جلال حسين ۽ علي شير شامل آحن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *